ميان صاحب ويجھو خوني تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ ميڙ: ڌريون راضي

ميان صاحب ويجھو خوني تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ ميڙ: ڌريون راضي

ميان صاحب (ن پ ا) ميان صاحب ۾ 25 سالن کان هلندڙ شر- ڪيهر خوني تڪرار جي خاتمي لاءِ علائقي جي معزز ماڻھن پاران تڪراري ڌرين ڏانهن ميڙ منٿ قافلا پهتا، جتي تڪراري ڌرين پاران ميڙ کي مان ڏيندي راڄوڻي لاءِ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو،سردار اختر کوهارو ثناءُ الله فقير جي اڳواڻي ۾ شر برادري جي متاثر ڌر صحبت شر ڏانهن بلوچستان ۽ ڪيهرن جي ڳوٺ مزار ڪيهر ۽ گلاب ڪيهر پهتا جتي شرن جي چڱن مڙسن شبير شر ترين شر رحمان شر جبل شر جڏهن ته ڪيهرن جي ڳوٺ ۾ مزار ڪيهر حيات ڪيهر ۽ ٻين سان ملاقات ڪري کين تڪرار ختم ڪرڻ لاء ڌار ڌار  اپيلون ڪيون جتي تڪراري ڌرين پاران جهيڙو نه ڪرڻ ۽ راڄوڻي ڪرڻ  بابت ڌريون راضي ٿي ويون آهن