ميان صاحب ويجھو معمولي ڳالهه تان سرن جي بٺي تي ڪم ڪندڙ پورهيت قتل

 ميان صاحب ويجھو معمولي ڳالهه تان سرن جي بٺي تي ڪم ڪندڙ پورهيت قتل

ميان صاحب(رپورٽ: رائو محسن راجپوت) ميان صاحب ويجھو  ھٿياربندن فائرنگ ڪري سرن جي بٺي تي مزدوري ڪندڙ پورھيت کي قتل ڪري ڇڏيو،  شڪارپور ضلعي جي لوڊرا ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن معمولي ڳالھه تان سرن جي بَٺي تي ڪم ڪندڙ پورهيت غلام عباس پٽ غلام محمد راهوجو کي گوليون هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو،  اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي غلام عباس دم ڏئي ڇڏيو، ٻي طرف پوليس جو چوڻ هو ته سرن جي ٻٺي تي ڪم ڪندڙ پورھيت غلام عباس راھوجو تي  هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو، ٻي طرف مقتول پورھيت غلام عباس جي ڀاءُ پنھل راھوجو ٻڌايو ته 3 مھينا اڳ غلام مھدي سان معمولي ڳالهه تان منهن ماري ٿيڻ بعد جاگيراڻي ۽ ڪٽوھر ڌر جي ھٿياربندن منھنجي ڀاءُ غلام عباس راھوجو کي ناحق قتل ڪري ظلم ڪيو آھي، انصاف ڪيو وڃي.