| ميرآباد جي ٽنڊوآدم برانچ ٻه کي 50 فٽ گهارو، سوين ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ |
مير آباد (ن پ ا) ميرآباد جي ٽنڊوآدم برانچ ٻه کي 50 فٽ گهارو سوين ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا، تفصيل موجب ميرآباد ڀرسان ڳوٺ سيد غلام نبي شاه وٽ ٽنڊوآدم برانچ ٻه کي 50 فٽ گهارو سوين ايڪڙن تي بيٺل ڪيلي، ڪمند، ڪڻڪ، توريو، بصر جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو، شاخ کي گهارو پوڻ جو اطلاع ايريگيشن عملي کي ڏيڻ باوجود به ايريگيشن عملو گهاري واري هنڌ نه پهتي، ڳوٺاڻن پاران پنهنجي مدد پاڻ گهارو بند ڪيو ويو، ٻئي پاسي متاثر ٿيل آبادگارن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فصل ۾ بيٺل پاڻي نيڪال ڪرائي ڏنو وڃي.