ميران شاهه (پنهنجي ڊيسڪ) اتر وزيرستان جي علائقي ميران شاهه ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ چڪرين دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا، 4 زخمي ٿي پيا
دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 سڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا، شهيد اهلڪارن ۾ 40 سالن جو صوبيدر اصغر علي، 26 سالن جو سپاهي نسيم ۽ 22 ورهين جو سپاهي محمد زمان شامل آهن
.ٽنهي شهيدن جو تعلق فرنٽيئر ڪور سان هو، آءِ ايس پي آر موجب اسان جا حوصلا بلند آهن، بهادر سپاهين جون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون