| ميراٿن سبب سيڪيورٽي سخت، روڊ بند، ٽريفڪ جام، عوام پريشان |
سکر: ميراٿن جي حوالي سان سيڪيورٽيءَ جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا. نيشنل هاءِ وي جو هڪ حصو سکر کان خيرپور تائين بند ڪيو ويو. جنهن تي ڊوڙ ڪئي وئي. سيڪيورٽيءَ جي لاءِ رينجرس، پوليس، موٽروي توڙي ميونسپل جي انڪروچمينٽ فورس کي مقرر ڪيو ويو. مختلف روڊ رستا بند هجڻ، متبادل رستن جي اڳواٽ خبر نه هجڻ، ۽ هڪ ئي روڊ تي سموري ٽريفڪ جو بار پوڻ سبب شهرين ٽريفڪ جام ٿيڻ واري مسئلي کي منهن ڏنو. اِن سان گڏ ملٽري روڊ واري علائقي ۾ سمورو ڪاروبار بند ڪرايو ويو.
| پوزيشن حاصل ڪندڙ ايٿليٽس کي انعام ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا |
سکر: انعامن ۽ سرٽيفڪيٽ جي تقريب ۾ صوبائي وزير ثقافت ۽ سياحت سيد ذوالفقار علي شاهه، ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ، ڪمشنر سکر عابد سليم قريشي، ايس ايس پي سکر اظهر مغل سميت ٻين مهمانن شرڪت ڪئي۔ مردن جي ميراٿن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ اٿليٽ کي 5 لک رپيا، ٻي پوزيشن تي ايندڙ کي اڍائي لک، ٽئين پوزيشن حاصل ڪندڙ کي ڏيڍ لک، چوٿين پوزيشن تي ايندڙ کي هڪ لک ۽ پنجين پوزيشن حاصل ڪندڙ کي 50 هزار رپيا انعام ڏنا ويا۔ جڏهن ته عورتن جي ڊوڙ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ اٿليٽ کي 2 لک، ٻئي کي 1 لک، ٽين کي 75 هزار، چوٿين کي 50 هزار ۽ پنجين نمبر تي ايندڙ کي 25 هزار رپيا انعام ڏنا ويا، جڏهن ته ان کان پوءِ 20هين نمبر تائين ايندڙ اٿليٽس کي في نفر 20، 20 هزار رپيا انعام ڏنا ويا۔
مهمان نوازي نٿا وساري سگهون، سنڌ پر امن، پيار ۽ محبت واري ڌرتي آهي: پرڏيهي رانديگر
سکر: پوزيشنون حاصل ڪندڙ ٻاهرين ملڪن ۽ لاهور جي رانديگرن ۽ رانديگرياڻين چيو ته ميراٿن ۾ ڪاميابيءَ تي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. خاص ڪري عورتن کي وڏي انگ ۾ هن ڊوڙ جي مقابلي ۾ ڏسي سٺو لڳو آهي. هنن چيو ته سکر، سنڌ جي رهواسين تمام گهڻو پيار ڏنو آهي، مهمان نوازيءَ پوري زندگي نٿا وساري سگهون. هي پر امن ۽ پيار، محبت واري ڌرتي آهي.
ميراٿن وسيلي نوجوانن کي عالمي سطح تي صحتمند سرگرمي جو موقعو مليو آهي: پيرمحمد شاهه
سکر: هن ميراٿن جي باني ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه چيو آهي ته سنڌ صوفين، امن پيار، محبت رواداريءَ جي ڌرتي آهي، جنهن جي هٿ وٺي شناخت کي نقصان پهچايو پيو وڃي. اِن قسم جي ايونٽ ثابت ڪيو ۽ پوري دنيا کي مسيج ڏنو ته سنڌ پر امن ۽ رواداريءَ واري ڌرتي آهي، پوري دنيا مان 15 ملڪن جي رانديگرن شرڪت ڪئي جيڪي امن جا سفير بڻجي سنڌ جي مهمان نوازي، پيار وارو پيغام پنهنجي ملڪن ڏانهن پهچائيندا. هن ميراٿن وسيلي نوجوانن کي عالمي سطح تي صحتمند سرگرمي جو موقعو مليو آهي.
ميراٿن سان سنڌ ۽ پاڪستان جو سافٽ اميج دنيا ۾ اجاگر ٿيندو: ثقافت وارو صوبائي وزير ذوالفقار علي شاهه
سکر: /ڏسو صفحو 2 بقايا 08
صوبائي وزير ثقافت ذوالفقار علي شاهه چيو ته ميراٿن سان سکر، سنڌ صوبي ۽ پاڪستان جو سافٽ اميج دنيا ۾ اجاگر ٿيندو۔ هن ميراٿن ۾ شرڪت ڪندڙ سڀني غير ملڪي اٿليٽن کي ثقافت کاتي طرفان سکر جي تاريخي لينسڊائون پل، ستين جو آستان، سنڌ جي هزارين ورهين پراڻي تهذيب موهن جو دڙو، ڪوٽ ڊيجي قلعو، ساڌو ٻيلو مندر ۽ ٻين سياحتي ماڳن جي دوري جي دعوت ڏني.