| ميراٿن صبح جو سوير شروع ٿي، 1500 کان وڌيڪ ڇوڪرين جي شرڪت |
خيرپور: ضلعي انتظاميه خيرپور طرفان يوٿ افيئرز اينڊ اسپورٽس جي تعاون سان پهرين “حسن اَفروز ويمن ميراٿن” منعقد ڪئي وئي. جيڪا صبح 7:30 وڳي حسين آباد کان شروع ٿي. ريس ۾ 1500 کان وڌيڪ ڇوڪرين ڀرپور حصو ورتو. ميراٿن جو افتتاح ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاه ڪيو، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر خيرپور فياض حسين راهوجو ريس جي نگراني ڪري رهيو هو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو ته اهو رڳو خيرپور نه پر سڄي سنڌ ۾ پهريون اهڙو وڏو ايونٽ آهي ۽ جيڪي به ڇوڪريون ان ۾ شامل ٿيون آهن، اهي مبارڪباد جي لائق آهن. اسان چاهيون ٿا ته رڳو خيرپور نه پر ملڪ جون سڀئي عورتون اهڙن ايونٽن ۾ حصو وٺن ته جيئن ڪنهن به پابندي جو جواز نه رهي.