ميرواهه گورچاڻي واسي فوجي جوان ڊي آءِ خان ۾ ڌماڪي ۾ شهيد

ميرواهه گورچاڻي واسي فوجي جوان ڊي آءِ خان ۾ ڌماڪي ۾ شهيد

ميرواھه گورچاڻي(ن پ ا) – ميرواھ گورچاڻي ڀرسان ڳوٺ احمد خان باگراڻي جو رهواسي، سنڌ رجيمينٽ جو بهادر جوان  نائيڪ عابد علي ولد محمد سليم آرائين ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي آءِ اي ڊي ڌماڪي ۾ شھيد ٿي ويو. ذريعن موجب فورسز جو قافلو معمول مطابق گشت تي روانو هو ته اوچتو روڊ ڪناري رکيل ڌماڪيدار مواد ڦاٽي پيو، جنهن سبب جوان موقع تي ئي شهيد ٿي ويو. شهيد عابد علي جو لاش سندس اباڻي ڳوٺ منتقل ڪيو پيو وڃي، جيڪو اڄ ٻارھن وڳي پهچندو، جتي کيس فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. علائقي ۾ سوگ ڇانيل آهي ۽ ڳوٺاڻن پاران شهيد جي بلند مرتبتي لاءِ دعائون گهري پيون وڃن.