| ميرواهه گورچاڻي ۾ مبينا قتل ٿيل معصوم آمون ڀيل جي تدفين، جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي |
ميرواھه گورچاڻي(ن پ ا) ميرواهه گورچاڻي ۾ مبينا قتل ڪيل نينگر جي تدفين ڪئي وئي. ميرواھ گورچاڻي جي ڀيل ڪالوني ۾ 6 ورهين جي معصوم نينگر آمون پٽ پريم عرف پپو ڀيل کي رات دير سان سندن اباڻي شهر جي ڏيلي فقير واري اباڻي قبرستان ۾ سڏڪن ۽ آهون سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ان کان گهر مان جنازو کڻڻ وقت ڪهرام مچي ويو ۽ نينگر آمون جي امڙ کي مسلسل بيهوشي جا دورا پئجي ويا. هوڏانهن ميرواھ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مختلف رخن کان جاچ ڪئي ۽ اتي موجود مختلف ماڻهن توڙي نينگر سان گڏ راند کيڏيندڙن ٻارڙن کان پڻ پڇا ڳاڇا ڪئي پر واقعي ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي. سندس وارثن موجب جيڪڏهن ڪنهن ٻوڙي ناحق ماريو آهي ته معصوم جو قاتل ڪٿي نه ڪٿي ظاهر ٿي پوندو، ميرواھ پوليس موجب واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون اصل حقيقت ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد ظاهر ٿي پوندي جڏهن ته شهر ۾ خوف جي لهر برقرار آهي ۽ معصوم ٻارڙا اسڪول وڃڻ کان لنوائڻ لڳا آهن واضع رهي ته چار ڏينهن اڳ معصوم نينگر آمون ڀيل گهرن ڀرسان پرسرار طور تي گم ٿي ويو هو جنهن جو گذريل ڏينهن سج لٿي مهل بخاري ٽائون هائوسنگ اسڪيم جي ٽانڪي مان لاش هٿ آيو آهي هوڏانهن شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن پوليس جي اعلي اختيارين سان مطالبو ڪيو ته معصوم نينگر آمون ڀيل واقعي جي جاچ ڪري وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.