ميروخان ويجهو قتل ڪيل پيءُ ۽ ٻن پٽن جو ڪيس داخل، گرفتاري نه ٿي، احتجاج

جنوري 16, 2025

قمبر /ميروخان (نمائندن وٽان) ميروخان ويجهو هڪ رات اڳ ڳوٺ قائم خان چانڊيو ۾ پراڻي دشمني تان ڀاڻيجن ۽ سندن ساٿين هٿان مارجي ويل پيرسن علي ڏنو چانڊيو ۽ ٻن پٽن نادر ۽ ڪمال چانڊيو جي ٽن خونن جو ڪيس ميروخان ٿاڻي تي مقتول پيرسن علي ڏنو چانڊيو جي پٽ حاڪم چانڊيو جي فرياد تي ٻن ڀاڻيجن باقر، نويد چانڊيو سميت اصغر چانڊيو، ممتاز چانڊيو، ذاڪر چانڊيو، دين محمد، عمران، زاهد چانڊيو  ۽ 2 اڻ سڃاتلن سميت 11 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته جوابدار اصغر، باقر، نويد وارن سان اٽڪل 14 سال اڳ قمبر تعلقي جي ڳوٺ بچل چانڊيو ۾ زرعي زمين جي مسئلي تان خوني جهيڙو ٿيو هيو جنهن کان پوءِ اتان لڏي ڳوٺ قائم چانڊيو ۾ ويٺاسين ۽ انهن کي فيصلي لاءِ ميڙو منٿون ڪيون پر انهن ٺاھ نه ڪيو جوابدارن هڪ رات اڳ گهر تي حملو ڪري ننڊ ستل پيرسن پيءُ ۽ ٻن نوجوان ڀائرن کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا فريادي وڌيڪ چيو ته پي ۽ ٻن ڀائرن جي خونن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي پاسي ميروخان پوليس ڪيس داخل ٿيڻ ۽ واقعي کي ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي، ٻئي پاسي قتل ڪيل  3 ڄڻن علي ڏنو چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن نادر علي ۽ ڪمال چانڊيو جي قتل ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدارن جي گرفتاري ۽ انصاف لاء مقتولن جي وارث عورتن پاڪ ڪتاب هٿن ۾ کڻي آيس ايس پي قمبر جي آفيس اڳيان احتجاج ڪيومقتول علي ڏنو جي زال ۽ نادر علي ۽ ڪمال چانڊيو جي امڙ رشيده چانڊيو جو چوڻ هيو ته گهر تي حملو ڪري ننڊ ستل منهنجي پيرسن مڙس ۽ ٻن ڳڀرو پٽن کي بي دردي سان قتل ڪيو ويو واقعي جو ڪيس منهنجي پٽ حاڪم چانڊيو ميروخان ٿاڻي تي ممتاز چانڊيو، اصغر ۽ ذاڪر چانڊيو سميت 11 ڄڻن مٿان داخل ڪرايو پر پوليس هن وقت تائين جوابدارن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪئي آهي، هن آء جي سنڌ پوليس ڊي آء جي لاڙڪاڻه، ايس ايس پي قمبر کان مطالبو ڪيو ته مڙس ۽ پٽن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.

 

Leave A Comment