| ميروخان ۽ سجاول جوڻيجو تعلقن ۾ هاري ڪارڊ جي ڊيٽا ۾ بي ضابطگين جو انڪشاف: ڌرڻي جو اعلان |
ميروخان/سجاول جوڻيجو (رپورٽ: ايم صفر گوپانگ+ عبدالنبي ڀٽي) ميروخان ۽ سجاول جوڻيجو تعلقن ۾ هاري ڪارڊ جي ڊيٽا ۾ بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي، زمين نه رکندڙ غير واسطيدار ۽ ٻاهرين ماڻهن کان مبينا طور رشوت وٺي ڊيٽا ٺاهي هاري ڪارڊ ڏياريا ويا آهن، اهڙو انڪشاف مقامي آبادگارن ۽ هارين طرفان ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان زمينن جا کاتا رکندڙ منٺار رڏ، عبدالله رڏ، ثناءُ الله، منيراحمد مگسي، اڪبر علي، شهاب الدين ۽ ٻين چيو ته سرڪار پاران هاري ڪارڊ لاءِ جاري ڪيل پاليسي موجب زمين جو پڪو کاتو يعني ستون فارم رکندڙ هارين ۽ آبادگارن کي هاري ڪارڊ ڏيڻا هئا پر ميروخان ۽ سجاول جوڻيجو مختيار ڪار آفيسن ۾ ڊيوٽي ڪندڙ عملي آفيسرن سان ملي ڀڳت ڪري تعلقي سجاول جوڻيجو جي 19 سئو، جڏهن ميروخان تعلقي جي 21 سئو کان مٿي هاري آبادگارن جي نالن جون لسٽون پڌري ڪيون آهن، جن لسٽن مطابق 60 سيڪڙو ماڻهو جن کي ميروخان ۽ سجاول جوڻيجو تعلقن جو آبادگار ڪري ڏيکاريو ويو آهي انهن کي ميروخان ۽ سجاول جوڻيجو تعلقن ۾ زمين جو هڪ ويسو به ناهي، هنن الزام هنيو ته روينيو کاتي پاران غير واسطيدار ماڻهن جي لسٽ ٺاهي انهن کي هاري ڪارڊ ڏياريا ويا آهن، هاري ڪارڊ واري لسٽ ۾ ڪافي اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي مقامي تعلقن ۽ ضلعي جا رهواسي به ناهن، لسٽ ۾ ڪجھه ماڻهو بلوچستان، ڪوٽڙي ، ميرپورخاص، ڄامشورو ۽ شهدادڪوٽ جا رهواسي به آهن، جن کي ميروخان ۽ سجاول ۾ زرعي زمين ئي ناهي، انهن جا ڪوڙا کاتا ڏيکاري کين هاري ڪارڊ جاري ڪيو ويو آهي، هنن ڪاغذ ڏيکاريندي چيو ته لسٽ ۾ ڄاڻايل 60 سيڪڙو ماڻهن کي زرعي زمين ئي ناهي، انهن کي هاري ڪارڊ ڪئين جاري ڪيا ويا، هنن مطالبو ڪيو ته ڪرپشن جو نوٽيس وٺي مقامي آبادگارن ۽ کاتيدارن سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.ٻي طرف سنڌ هاري آبادگار اتحاد جي اڳواڻ محسن قاضي پاران روينيو کاتي جي ناانصافين خلاف 12 جنوري تي ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪندي چيو ته هارين سان ظلم ڪيو ويو آهي، رشوت وٺي من پسند ۽ غير واسطيدار ماڻهن کي هاري ڄاڻائي هاري ڪارڊ ڏئي ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، جاچ ڪرائي وڃي.