| ميروخان ۾ حددخلين خلاف ڪارروائي دوران ڇڪتاڻ، ڌرڻو |
ميروخان (ن پ ا) ميروخان ۾ حددخلين جي آزار خلاف اي سي عبدالقادر مشوري، مختيارڪار عنايت اﷲ جمالي جي اڳواڻي ۾ پوليس ۽ ٽائون عملي جي مدد سان شهر جي جي مُک روڊ تي ڪارروائيون ڪري روڊ جي احاطي ۾ رکيل غيرقانوني، صندل، ريڙها ، پڃرا ۽ دڪانن جا ڇاپرا هٽايا ويا، جڏهن ته حددخليون هٽائڻ دوران اي سي عبدالقادر مشوري ۽ دڪاندارن ۾ منهن ماري کانپوءِ دڪاندارن پاران روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، دڪاندارن عبدالله، اشرف دايو ۽ ٻين چيو ته اي سي حددخلين جي آڙ ۾ صرف اسان جي خلاف ڪارروائي ڪري رهيو آهي جيڪا سراسر ناجائزي آهي، ٻي پاسي اي سي عبدالقادر مشوري ٻڌايو ته دڪاندار روڊ تي غيرقانوني صندل رکي ڪاروبار ڪري رهيا آهن جنهن ڪري ٽريفڪ جام ٿئي ٿي ۽ عوام کي سخت تڪليف کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. بنا جواز منهن ماري ڪئي وئي.