ميروخان ۾ غربت ۽ بيروزگاري سبب پورهيت آپگهات ڪري ڇڏيو

جُولاءِ 11, 2023

ميروخان (ن پ ا) ميروخان ۾ غربت ۽ بيروزگاري سبب 6 ٻارن جي پيءُ آپگهات ڪري ڇڏيو، خبر موجب شهر جي ابڙا پاڙي واسي زبير ابڙو گهر ۾ ڪوئا مار دوا کائي ڇڏي

 جنهن کي وارث لاڙڪاڻي اسپتال کڻائي آيا، جتي هو فوت ٿي ويو، همراهه جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو

 فوتي جي وارثن جو چوڻ آهي ته زبير ابڙو پورهيو ڪري پيٽ گذر ڪندو هو، ڪافي عرصي کان بيروزگار هجڻ سبب هو تمام گهڻو پريشان هو، جنهن ڪري هن زهر پي انت آڻي ڇڏيو

Leave A Comment