| ميروخان ۾ مزدوري لاءِ آيل ٽنڊي محمد خان واسي پورهيت جي جھوپڙي کي باهه، ٻارڙي سڙي فوت |
ميروخان (رپورٽ: صفر گوپانگ) ميروخان ويجهو پورهيو ڪرڻ لاءِ آيل ٽنڊو محمد خان واسي لاڏائو خاندان جي جهوپڙي کي باھ لڳي وئي، معصوم ٻارڙي سڙي فوت، ڳوٺ علي نواز جاگيراڻي لڳ زرعي زمين ۾ جهوپڙيون لڳائي ويٺل پورهيت شبير شيخ جي جهوپڙي کي چلھه جي چڻنگ مان باھ لڳي وئي، باھ لڳڻ ڪري جهوپڙي ۾ ننڊ ستل ٽن ورهين جي معصوم نياڻي فائزہ ڌيءَ شبير شيخ سڙي فوت ٿي وئي، ڳوٺاڻن ٻڌايو ته شيخ برادري سان تعلق رکندڙ ڪجھه لاڏائو پورهيت خاندان جيڪي اصل ٽنڊو محمد خان ضلعي جا رهواسي آهن، هرسال ٽماٽن جي فصل تي مزدوري ڪرڻ لاءِ ايندا آهن ته عارضي طور تي جهوپڙيون هڻي ويهندا آهن ۽ سيزن پوري ٿيڻ کان پوءِ واپس هليا ويندا آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته رڌ پچاءُ ڪرڻ کان پوءِ پورهيت خاندان ڪجھه مفاصلي تي زمين ۾ ڪم ڪري رهيو هو ته پويان چُلھه مان دکندڙ چڻنگ اٿي جنهن مان ڪکن جي ٺهيل جهوپڙي کي باھ وڪوڙي وئي ۽ جهوپڙي اندر کٽ جي ٻانهين ۾ ٻڌل ڪپڙي جي پينگهي ۾ ننڊ پيل معصوم فائزہ سڙي فوت ٿي وئي، اهڙي افسوسناڪ واقعي کانپوءِ مزدوري لاءِ آيل غريب خاندان ۾ روڄ راڙو پئجي ويو، جڏهن ته اهڙي دل ڏکائيندڙ واقعي کان انتظاميا مڪمل طور لاتعلق بڻيل رهي. پورهيت خاندان پنهنجي مدد پاڻ تحت معصوم نياڻي فائزہ جو باھ ۾ سڙيل لاش تدفين لاءِ پنهنجي شهر ٽنڊو محمد خان کڻائي رونا ٿي ويا.