ميريٽ هوٽل سرڪاري تحويل ۾ وٺڻ جو فيصلو: مهمانن کي اڄ منجهند تائين ڪمرا خالي ڪرڻ جو حڪم

ميريٽ هوٽل سرڪاري تحويل ۾ وٺڻ جو فيصلو: مهمانن کي اڄ منجهند تائين ڪمرا خالي ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گادي واري شهر ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين جي ٻئي دور وارو معاملو. اسلام آباد جي ميريٽ هوٽل کي فوري طور ڳالهين لاءِ سرڪاري تحويل ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هوٽل ۾ موجود شهرين کي ٽئين وڳي تائين هوٽل خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. مهمانن کي متبادل رهائش فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي، انتظاميه پاران اهڙو ليٽر به جاري ڪيو ويو. هوٽل انتظاميا به تصديق ڪئي ته هوٽل اڄ ٽئين ٽي وڳي کان پوءِ سرڪاري تحويل ۾ هوندو.  ايئرپورٽ کان سرينا تائين اهم عمارتن تي رينجرز جا سنيپر مقرر ڪيا ويندا. سرينا هوٽل جي چوڌاري پوليس ۽ فوج جون گڏيل 24 چوڪيون قائم ڪيون ويون آهن