ميري دوست قصا يه ڪيا هوگيا: يونس خان جي ڳائڻ جي وڊيو وائرل

ميري دوست قصا يه ڪيا هوگيا: يونس خان جي ڳائڻ جي وڊيو وائرل

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان يونس خان ڳائڻو ٿي ويو آهي سندس  ڳائڻ هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. اڳوڻي فاسٽ بالر عمر گل يونس خان جي گانو ڳائڻ جي وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هن کي بالي ووڊ جو گانو “ميري دوست قصا يه ڪيا هوگيا، سنا هي ڪه تو بي وفا هوگيا” ڳائيندي ڏسي سگهجي ٿو. عمر گل وڊيو جي ڪيپشن ۾ لکيو ته جڏهن ڪو ليجنڊ پنهنجي لڪيل صلاحيت ڏيکاري ٿو، ته توهان کي فوري طور تي رڪارڊ جو بٽڻ دٻائڻو پوندو آهي يونس خان هميشه حيران ڪري ٿو. گيت ڳائيندي يونس خان معمولي غلطي ڪئي، جنهن ڪري هو پاڻ به مسڪرائي ٿو. ذريعن موجب اڳوڻو ڪرڪيٽر هن وقت هڪ ليگ لاءِ هوسٽن ۾ آهن ۽ يونس خان ٽيم ڊنر دوران گانو ڳائي شو ۾ ڌوم مچائي ڇڏي.