ميرٽ جي لتاڙ ۽ پنهنجا نوازي: ايس پي ايس سي متاثرن جو مظاهرو

ميرٽ جي لتاڙ ۽ پنهنجا نوازي: ايس پي ايس سي متاثرن جو مظاهرو

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ميرٽ جي لتاڙ ۽ پنھنجا نوازي خلاف متاثر اميدوارن علاما دائود پوٽو لائبريري کان ايس پي ايس سي آفيس تائين مارچ بعد  ڌرڻو  هنيو، ريلي ۾ مختلف ضلعن کان آيل متاثر اميدوارن سميت مختلف سياسي ۽ سماجي پارٽين جا اڳواڻ ۽ وڪيل وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا اميدوارن پاران ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي ايس پي ايس سي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ڌرڻي ۾ سنڌو نواز گھانگھرو ـ حمز علي چانڊيو ـ روشن ٻرڙو ـ ثمر جتوئي ـ مجيد سيال ـ بدر چنا ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا، سنڌو نواز گھانگھرو پنهنجي ھڪ سالا نياڻي سڀيتا سميت ڌرڻي ۾ پھتي ان موقعي تي اميدوارن جو چوڻ هو ته گڏيل چٽا ڀيٽي 2024 واري امتحان ۾ ميرٽ جي لتاڙ ڪري نوجوانن جي حق تي ڌاڙو ھنيو ويو آھي سي سي اي 2024 جو جاري ڪيل نتيجو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناھي اسان کي فيل ڪري پنهنجن ماڻھن کي نوازيو ويو آھي ـ جيڪا سراسر ناانصافي آھي.