ڪراچي(رپورٽ: سترام مهيشوري ) ليبر کاتي ميرٽ جا بخيا اڊيري ڇڏيا، سيسي ۾ 17 هين گريڊ جي آر ايم اوز/ ايل آر ايم اوز جون پوسٽون سياسي بنيادن تي ڀرڻ جو تياريون آخري مرحلي ۾ داخل، سليڪٽ ڪيل 180 اميدوارن جي امڪاني فهرست سامهون اچي وئي
ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب ليبر کاتي جي ماتحت اداري سيسي ۾ 17 هين گريڊ جي آر ايم اوز/ ايل آر ايم اوز جون پوسٽون ميرٽ بجاءِ سياسي بنيادن تي ڀرڻ لاءِ تياريون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن
اعتماد جوڳن ذريعن “پنهنجي اخبار” کي ٻڌايو ته سياسي بنيادن تي 180 اميدوارن کي سليڪٽ ڪيو ويوآهي، اهڙي امڪاني فهرست به تيار ٿي وئي آهي، انهي فهرست ۾ 180 اميدوارن جا نالا شامل آهن
ذريعن جو چوڻ آهي ته تيار ڪيل فهرسٽ ۾ اميدوارن جي نالن اڳيان “معرفت” طور وفاقي ۽ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، سياستدانن، آفيسرن ۽ صحافين جا نالا لکيل آهن. جن سندن مقرري جي سفارش ڪئي آهي
آر ايم اوز/ ايل آر ايم اوز اميدوارن جي امڪاني فهرست ۾ ڊاڪٽر نازش رسول، ڊاڪٽر سجاد، ڊاڪٽر ڪنيز بتول، ڊاڪٽر نصرت سميجو، ڊاڪٽر انعم امتياز، ڊاڪٽر ماريه سرفراز، ڊاڪٽر نويد احمد، ڊاڪٽر ريجا وليد، ڊاڪٽر اسما بلوچ جا نالا شامل آهن
ڊاڪٽر حنا علي، سائره، ڊاڪٽر مصطفيٰ مغل، ڊاڪٽر غزاله پروين، رابعه نعيم، تبسم رشيد، ڊاڪٽر انيلا عبدالله، ڊاڪٽر صبا رحيم، ڊاڪٽر بريقه مراد، ڊاڪٽر فائزه يوسف، ڊاڪٽر اقرا شريف، ڊاڪٽر نازش محمود، ڊاڪٽر ناديه ٽالپر، ڊاڪٽر عماره، ڊاڪٽر نويد احمد، ڊاڪٽر پرديپ ڪمار، شاهزيب ميمڻ ۽ ٻين جي ڀرتي جي پڻ سفارش ڪئي وئي آهي
سيسي پاران ڊاڪٽرن جون پوسٽون 180 مان 240 ڪرڻ جي منظوري
ڊاڪٽرن جي 180 پوسٽن تي ڀرتين لاءِ اشتهار جاري ڪري 240 ڀرتيون ڪرڻ جي تياري مڪمل ڪئي وئي، انتهائي اعتماد جوڳن ذريعن “پنهنجي اخبار” کي ٻڌايو ته اخبارن ۾ آر ايم اوز/ايل آر ايم اوز جي 180 سيٽن تي ڀرتين جو اشتهار جاري ڪيو ويو، سياسي سفارشن تي 180 جي لڳ ڀڳ نالا اچڻ بعد 180 بدران 240 ڀرتيون ڪرڻ جي منصوبابندي ڪئي وئي
ذريعن موجب سيسي جي گورننگ باڊي کان 240 سيٽن تي ڀرتين جي منظوري پڻ ورتي وئي، انهن اضافي 80 سيٽن لاءِ اخبارن ۾ ڪو اشتهار جاري ناهي ڪيو ويو، ائين قاعدن ۽ ضابطن جي سنگين خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي
گريڊ 16 ۽ 17 ۾ سموريون ڀرتيون ڪميشن ذريعي ڪرڻ جو حڪم
سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا گريڊ 16 ۽ 17 ۾ سمورين ڀرتيون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ڪرڻ جا حڪم ڏنا هئا، انهي باوجود ليبرکاتي پاران ڪنهن به ٿرڊ پارٽي بجاءِ پنهنجي طور تي 240 ڊاڪٽرن جي ڀرتي جون تياريون ڪيون پيون وڃن
ليبر کاتي ڀرتين لاءِ پهريائين آءِ بي اي سکر سان معاهدو ڪيو
پتو پيو آهي ته ليبر کاتي جي اختيارين 17هين ۽ 18هين گريڊ جي مختلف پوسٽن تي ڀرتين لاءِ آءِ بي اي سکر سان معاهدو ڪيوهو. ذريعن موجب ڊاڪٽرن جي ڀرتين لاءِ پهرين آءِ بي اي سکر کي لکيو ويو، بعد ۾ اهو فيصلو بدلائي چيو ويو ته ڊاڪٽرن جي ڀرتي لاءِ ٽيسٽ کاتو پاڻ وٺندو، جنهن بعد اها ٽيسٽ ۽ انٽرويو کاتي طرفان ورتا ويا ته جيئن انهن پوسٽن تي من پسند ماڻهو ڀرتي ڪري سگھجن