| ميرپورخاص اسپتال ۾ مريض ٻار جي وارثن جو ڊاڪٽر ۽ عملي تي تشدد: او پي ڊي جو بائيڪاٽ، مظاهرو |
ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ڊسٽرڪٽ ھيڊ ڪوارٽر اسپتال ۾ ٻارن جي وارڊ ۾ نامعلوم ماڻھن پاران ڊاڪٽر ۽ عملي تي تشدد خلاف ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي او پي ڊي جو بائڪاٽ ڪري اسپتال ٻاھران احتجاجي مظاھرو ڪيو، ڊاڪٽرن ۽ عملي تحفظ جو مطالبو ڪيو. ان موقعي تي سول سرجن ڊاڪٽر پير غلام نبي جيلاني، ڊاڪٽر ماجد پٺاڻ، ڊاڪٽر ليکراج راٺوڙ ۽ ٻين چيو ته گذريل رات ٻارن جي وارڊ ۾ ھڪ ٻار کي آندو ويو جيڪو ڊائريا جي مرض ۾ مبتلا ھو، ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر علاج ڪيو، مائٽ ڪجهھ دير بعد ٻار جي طبيعت خراب ٿيڻ بعد گهران واپس کڻي آيا، ڊاڪٽر ڪامران کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي عملي سان بدتميزي ڪئي، عملي ۽ ڊاڪٽر جا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا. هنن چيو ته ڊاڪٽر ۽ عملي تي حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪري ڊيوٽي تي موجود پوليس اھلڪارن کي به معطل ڪيو وڃي.