| ميرپورخاص انڊسٽيريل ايريا ۾ سھولتن جي اڻھوند، عدالتي ٽيم پهچي وئي |
ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص جي انڊسٽيريل ايريا ۾ سھولتن جي اڻھوند جو جائزو وٺڻ لاءِ عدالتي حڪم تي ٽيم سائيٽ ايريا پھتي,خبر موجب ميرپورخاص ۾ سنڌ سمال انڊسٽريز ايريا ۾ سهولتن جي اڻهوند خلاف فريادي عبدالغفار ابڙينگ جي پٽيشن تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل رجسٽرار عابد علي راجپوت لاڳاپيل عملي سان انڊسٽيريل ايريا ۾ پھچي علائقي جو دورو ڪيو. ان موقعي تي عدالتي ٽيم ڪارخانن جي مالڪن، مزدورن ۽ پٽيشنر سان ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ انڊسٽيريل ايريا ۾ پاڻي، صفائي سٿرائي، اسٽريٽ لائيٽ، سيڪيورٽي ۽ ٻين مسئلن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي پٽيشنر ٻڌايو تھ ھي انڊسٽيريل ايريا 1981ع ۾ ان مقصد لاءِ ٺاھيو ويو ھو تھ هتي ننڍن ڪارخانن، صنعتي يونٽن ۽ مقامي صنعتڪارن کي سهولتون ڏئي روزگار جا موقعا پيدا ڪيا وڃن، عدالتي ٽيم پنھنجي دوري دوران ابتدائي نوٽس ورتا، فوٽو ۽ وڊيو ذريعي ثبوت گڏ ڪيا ۽ چيو ته دوري جي رپورٽ تيار ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ اڳيان پيش ڪئي ويندي، جنهن بعد عدالت ۽ لاڳاپيل کاتن کان تفصيلي جواب طلب ڪري سگهجي ٿو.