| ميرپورخاص: بسپ قسط ڪٽيندڙ ٻيو جوابدار گرفتار، آفيسرن، پوليس ۽ صحافين کي حصو ڏيڻ جو انڪشاف |
ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ رياستي اداري پاران مختلف ڏوھن ۽ ڪرپشن ۾ ملوث ماڻھن خلاف ٿيندڙ ڪريڪ ڊائون دوران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ بيواھن ۽ غريب عورتن جي پئسن ۾ ڪٽوتي ڪندڙ فرنچائز مالڪ سھيل ملڪ جي گرفتاريءَ کان پوءِ ھڪ ٻئي ڊوائيس ھولڊر قربان خاصخيلي کي گرفتار ڪيو ويو آھي. گرفتاريءَ بعد جوابدار پاران اھم انڪشاف ڪيا ويا آھن. ھڪ ئي وقت ميرپورخاص ۽ ٽنڊوالھيار ۾ ڊوائيز ھلائيندڙ قربان خاصخيلي اعتراف ڪيو آھي تھ ھو ھر قسط تي ھر ھڪ عورت کان 1500 کان 2000 رپيا ڪٽوتي ڪن ٿا، جنھن رقم مان ھو ھڪ وفاقي سول جاج اداري، سي آءِ اي پوليس، لاڳاپيل ٿاڻي، اسپيشل برانچ ۽ صحافين کي حصو پتي ڏين ٿا. جوابدار موجب فرنچائز مالڪ دانش، دانيال، ذيشان، سھيل ملڪ ۽ نواز ميمڻ ھر ھڪ بينفيشري عورت جي قسطن مان ڪٽوتي واري رقم مان 400 کان 500 رپيا وصول ڪن ٿا. جوابدار قربان خاصخيلي موجب وٽس 2 ڊوائيسز آھن، جن مان ھڪ ميرپورخاص ٽول پلازا ۽ ھڪ ٽنڊوالھيار جي شھر سلطان آباد ۾ ھلائي ٿو. ھن انڪشاف ڪيو تھ سلطان آباد ٿاڻي جو ايس ايڇ او عبداللھ جوڻيجو ھر قسط تي پنھنجي منشي عبدالحڪيم معرفت 80 ھزار رپيا، آصف مري نالي شخص ڊي ايس پي عثمان لغاري ۽ انچارج سي آءِ اي ٽنڊوالھيار جي نالي تي 60_60 ھزار رپيا وصول ڪري ٿو، اھڙيءَ ريت انور لُنڊ نالي شخص ھڪ وفاقي سول جاچ اداري جي نالي تي بھ 60 ھزار رپيا کانئن وصول ڪري ٿو. ھن اھو پڻ انڪشاف ڪيو تھ بي آءِ ايس پي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر معروف ٻانڀڻ جو ڊرائيور خالد ھر ڊوائيس ھولڊر کان 2 کان 4 لک رپيا وصول ڪري ٿو. قربان خاصخيلي انڪشاف ڪيو تھ ڊوائيس ھلائڻ لاءِ ھڪ مخصوص لوڪيشن ڏني وڃي ٿي ۽ ان لوڪيشن جي تبديلي لاءِ پنجاب سان تعلق رکندڙ نديم نالي شخص کي رقم ڏني وڃي ٿي، جيڪو سافٽ ويئر ذريعي لوڪيشن تبديل ڪري ڇڏي ٿو.