ميرپورخاص بورڊ اسڪينڊل:ڪنٽرولر کانپوءِ آءِ ٽي مينيجر ۽ سپرنٽينڊنٽ معطل: جاچ ڪاميٽي قائم

ميرپورخاص بورڊ اسڪينڊل:ڪنٽرولر کانپوءِ آءِ ٽي مينيجر ۽ سپرنٽينڊنٽ معطل: جاچ ڪاميٽي قائم

ڪراچي/ميرپورخاص (رپورٽ: حبيب جمالي ۽ فهد سلطان چانديو) ميرپورخاص تعليمي بورڊ مان جعلي سرٽيفڪيٽ جاري ٿيڻ وارواسڪينڊل: امتحاني ڪنٽرولر کانپوءِ بورڊ جو آءِ ٽي مينيجر ۽ سپرنٽينڊنٽ معطل، سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي سربراهي ۾ جاچ ڪاميٽي قائم، ان ڏس ۾ ميرپورخاص تعليمي بورڊ مان جعلي سرٽيفڪيٽ جاري ٿيڻ وارو اسڪينڊل ظاهر ٿيڻ کانپوءِ يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي بورڊ جي آءِ ٽي مينيجر اعظم خان ۽ سپرنٽنڊنٽ محمد شاهد کي معطل ڪري معاملي جي جاچ لاءِ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري جي سربراهي ۾ ڪاميٽي  جوڙي ڇڏي ، ڪاميٽي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اها معاملي جي جاچ ڪري هڪ مهيني اندر تفصيلي روپورٽ پيش ڪري، هوڏانهن  بورڊن واري صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته تعليمي ادارن ۾ ڪرپشن ۽ جعلسازي برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته انڪوائري ڪاميٽي بااختيار هوندي، کين سموريون حقيقتون سامهون آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. هن چيو ته معاملي ۾ جيڪو به ملوث نڪتو ،ان خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.
 

معطل ڪنٽرولر انور خانزادي کان حيدرآباد بورڊ جي چارج واپس

ميرپورخاص: ميرپورخاص   تعليمي بورڊ جي معطل ڪنٽرولر انور عليم خانزادي کان حيدرآباد بورڊ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج واپس، ان ڏس ۾ ميرپورخاص تعليمي بورڊ ۾ گذريل پنج سالن ۾ 35 هزار کان وڌيڪ شاگردن جي مارڪن ۾ پئسن عيوض ڦيرڦار ڪرڻ ۽  افغانين کي جعلي سرٽيفڪيٽ ۽ مارڪ شيٽون جاري ڪرڻ واري اسڪينڊل ۾ معطل ڪيل  اڳوڻي ڪنٽرولر انور عليم خانزادي  کان حيدرآباد تعليمي بورڊ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج واپس ورتي وئي، بورڊ کاتي جي  ليٽر موجب تعليمي بورڊ ميرپورخاص جي معطل ڪيل  ڪنٽرولر عليم خانزادي کان حيدرآباد تعليمي بورڊ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج واپس ورتي وئي آهي.
 

اينٽي ڪرپشن جو ڪمال: 2 ملازمن مان رڳو اعظم جي گرفتاري ظاهر
 

ميرپور خاص: اينٽي ڪرپشن ميرپورخاص بورڊ تي ڇاپو هڻي رڪارڊ ضبط ڪرڻ بعد 10 کان وڌيڪ ملازمن کي نوٽس جاري ڪيا هئا، اينٽي ڪرپشن بورڊ جي گرفتار ڪيل 2 ملازمن مان رڳو اعظم جي گرفتاري ظاهر ڪئي