| ميرپورخاص تعليمي بورڊ اسڪينڊل: هڪ اسڪول جي نالي 463 مارڪ شيٽ ۽ سرٽيفڪيٽ جاري ٿيڻ جو انڪشاف |
ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص تعليمي بورڊ جي ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ۾ نئون انڪشاف، ھڪ ئي اسڪول جي نالي تي 463 جعلي مارڪ شيٽون ۽ سرٽيفڪيٽ جاري، خبر موجب تعليمي بورڊ ميرپورخاص پاران جعلي اميدوارن کي ميٽرڪ ۽ انٽر جا سرٽيفڪيٽ ۽ مارڪ شيٽون جاري ڪرڻ واري اسڪينڊل ۾ وڌيڪ نوان انڪشاف سامھون آيا آھن. نئون ڪوٽ شھر جي ٿر هائير سيڪنڊري اسڪول جي نالي سان سال 2021 کان 2025 تائين مجموعي طور تي 463 جعلي مارڪ شيٽون ۽ سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ويا آھن. ان ڏس ۾ اسڪول جي مالڪ احسان الله ڀٽي ميڊيا سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته سندن اداري جو نالو استعمال ڪندي 375 انٽر ۽ 88 ميٽرڪ جا جعلي سرٽيفڪيٽ تيار ڪيا ويا جن سان اسڪول جو ڪو به تعلق ناهي، جڏهن ته اسڪول جي رڪارڊ ۾ اھڙن نمبرن ۽ نالن سان ڪو بھ شاگرد ناھي رهيو ۽ نه ئي ڪنهن کي انرولمينٽ ڪارڊ يا امتحاني سلپ جاري ڪئي وئي ھئي.هن وڌيڪ ٻڌايو ته سال 2025 ۾ ٻن جعلي سرٽيفڪيٽن جي خبر پوڻ تي هن اڳوڻي ڪنٽرولر تعليمي بورڊ ميرپورخاص انور عليم خانزادي کي شڪايت ڪئي، پر مبينا طور تي ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي. احسان الله ڀٽي جو چوڻ هو ته ايڏي وڏي انگ ۾ جعلي سرٽيفڪيٽ جاري ٿيڻ سان سندن اداري جي ساک کي سخت نقصان پهتو آهي. هن چيو ته هو سمورا تفصيل جاچ ادارن کي فراهم ڪري چڪا آهي. ھن مطالبو ڪيو تھ ملوث عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.