ميرپورخاص تعليمي بورڊ ۾ نتيجا ڦيرڻ جا الزام ڪنٽرولر تي ثابت، نوڪري تان برطرف

ميرپورخاص تعليمي بورڊ ۾ نتيجا ڦيرڻ جا الزام ڪنٽرولر تي ثابت، نوڪري تان برطرف

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) ميرپورخاص تعليمي بورڊ ۾ جعلي سرٽيفڪيٽ جاري ٿيڻ واري اسڪينڊل ۾ اهم اڳڀرائي، امتحاني ڪنٽرولر تي نتيجا ڦيرڻ جا الزام ثابت، تعليمي بورڊ جو ڪنٽرولر نوڪري تان برطرف، 2021 کان 2025 تائين جاري ٿيل ميٽرڪ جا 1068 ۽ انٽر جا 1471 مارڪس شيٽ ۽ سرٽيفڪيٽ رد، ٻين آفيسرن خلاف جاچ هلندڙ، ايجنٽس ۽ امتحاني بورڊ جا عملدار به جاچ ۾ شامل ڪيا ويا آهن. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته ميرپورخاص تعليمي بورڊ ۾ نتيجن ۾ هيراڦيري ۽ جعلي سرٽيفڪيٽ اسڪينڊل ظاهر ٿيڻ کان پوءِ سنڌ حڪومت پاران قائم ڪيل انڪوائري ڪاميٽي ۾ سال 2021 کان سال 2025 تائين مجموعي طور تي 2400 کان وڌيڪ انٽر ۽ ميٽرڪ جون مارڪ شيٽ ۽ سرٽيفڪيٽ جعلي ثابت ٿيڻ بعد امتحاني بورڊ جي ڪنٽرولر عليم خانزاده کي نوڪري تان برطرف ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي جي اختيارين پاران نوڪرين تان برطرفي جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي جي صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته امتحاني ڪنٽرولر عليم خانزاده تي انڪوائري ڪاميٽي ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر جي نتيجن ۾ هيراڦيري ڪرڻ ۽ جعلي سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جا الزام ثابت ٿيا آهن. هن چيو ته عليم خانزاده شوڪاز نوٽيس جو جواب نه ڏنو ۽ ذاتي طور تي انڪوائري ڪاميٽي وٽ پيش به نه ٿيو. صوبائي وزير چيو آهي ته ميرپورخاص ۾ سال 2021ع کان سال 2025ع تائين ميٽرڪ جون 1068 ۽ انٽر جون 1471 مارڪ شيٽ ۽ سرٽيفڪيٽ جعلي ثابت ٿيڻ بعد رد ڪيا ويا آهن. هن چيو ته معاملي ۾ وڌيڪ ملوث آفيسرن ۽ ايجنٽس خلاف جاچ جاري آهي.