ميرپورخاص جي جرواري شاخ تي پل نه ٺهڻ خلاف درخواست، ڌريون عدالت طلب

ميرپورخاص جي جرواري شاخ تي پل نه ٺهڻ خلاف درخواست، ڌريون عدالت طلب

حسين بخش مري (ن پ ا) ميرپورخاص جرواري شاخ لڳ گورنمنٽ گرلز پرائمري ۽ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ڳوٺ نور محمد پنهور جا سوين معصوم شاگرد ۽ شاگردياڻيون اسڪول وڃڻ لاءِ جرواري شاخ ڪراس ڪري اسڪول وڃڻ تي مجبور آهن. جرواري شاخ تي ڳوٺاڻن پاران هڪ ڪاٺين وايو پل اڏيل آهي جتان گذرڻ دوران اسڪول تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويندڙ معصوم شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڪري زخمي ٿيڻ جا واقعا پيش اچي چڪا آهن، جنهن سان ڪنهن به وقت ڪو وڏو سانحو پيش اچي سگھي ٿو. ميرپورخاص جي وڪيل اڳواڻ احمد سعيد قائمخاني ۽ ٻين ڪنيزيومر ڪورٽ ميرپورخاص ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته شاگردن ۽ شاگردياڻين جو حياتيون داءُ تي لڳل آهن، ڪچي پل تان ڳوٺ جون پيرسن عورتون ۽ مرد به گذرن ٿا جن کي پڻ نقصان پهچڻ جو خدشو آهي. پل جي حالت پڻ انتهائي خراب ٿي چڪي آهي. ٽي ايم سي سيد خادم علي شاه، اسسٽنٽ ڪمشنر، تعليم کاتي، آبپاشي کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي ڪيترائي ڀيرا لکت توڙي ذاتي طور وڃي اپيل ڪئي پر ڪو کڙ تيل نه نڪتو آهي. جڏهن ته جرواري شاخ جي مختلف حصن تي بااثرن جي گھرن ۽ اوطاقن لاءِ پڪا روڊ ۽ پل تعمير ڪيا ويا آهن پر معصوم شاگردن ۽ شاگردياڻين سميت ڳوٺاڻن کي اهڙي سهولت فراهم نه پئي ڪئي وڃي. عدالت اهڙي درخواست تي ضلعي جي انتطاميا، آبپاشي کاتي، تعليم کاتي، اسسٽنٽ ڪمشنر سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن کي نوٽيس جاري ڪندي رڪارڊ سميت 26 جنوري 2026 تي طلب ڪري ورتو آهي.