| ميرپورخاص جي وڪيل جي قتل ۾ 2 ڄڻا عدالت پيش، ڳوٺ جا رستا بند خلاف ڌرڻو جاري |
ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپور خاص جي وڪيل جي قتل ۾ گرفتار 2 ڄڻا عدالت پيش ڪيا ويا، جڏهن ته ڳوٺ جا رستا بند خلاف ڌرڻو جاري رهيو. ان ڏس ۾ ميرپورخاص ۾ نئين ٺھندڙ ڪالوني مالڪ وڪيل شھزاد جٽ جي قتل بعد لاشاري برادريءَ جي ڳوٺ محمد علي لاشاري جا رستا بند ڪرڻ ۽ ڳوٺ تي پوليس چڙھائين خلاف ڳوٺ محمد علي لاشاري جي عورتن زاھدا لاشاري، سعيدا لاشاري ۽ رخسانا لاشاري جي اڳواڻي ۾ اڄ چوٿين ڏينھن بھ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي ڳالھائيندي ھنن چيو تھ وڪيل شھزاد جٽ جي وارثن کي سموري خبر آھي تھ ان کي ڪنھن قتل ڪيو آھي پر قتل جي الزام ۾ بيگناھ ماڻھن کي گرفتار ڪيو ويو آھي ۽ ڳوٺ جي اڳيان ديوار ڏئي سندن رستا بند ڪيا ويا آھن. ھنن چيو تھ سمورو عمل پوليس جي نگراني ۾ ٿي رھيو آھي، جنھن اڃا تائين رڪجي ناھي سگھيو. ھنن چيو تھ سندن رستا بند ھئڻ ڪري ڳوٺاڻا گھرن تائين محدود ٿي ويا آھن ۽ انھن جي اچ وڃ کي مشڪل بڻايو ويو آھي. ھنن مطالبو ڪيو تھ سندن ڳوٺ جو رستو آزاد ڪري انتقامي ڪارروايون بند ڪيون وڃن ۽ بيگناھ گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪيو وڃي. ھوڏانھن وڪيل شھزاد جٽ جي قتل ۾ گرفتار ٿيل فتح محمد لاشاري ۽ عبدالسلام لاشاري جو جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ بعد پوليس پاران سيڪنڊ جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي معزز عدالت ٻنھي جوابدارن کي 6 ڏينھن جي جڊيشل ڪسٽڊي تحت سينٽرل جيل ميرپورخاص موڪلي ڇڏيو آھي.