| ميرپورخاص حيدرآباد کي رگبي فائنل هارائي ڇڏيو |
حسين بخش مري (ن پ ا) ميرپورخاص جي شهيد بينظير ڀٽو اسپورٽس اسٽيڊيم (گاما) اسٽيڊيم ۾ ميرپورخاص ۽ حيدرآباد جي ٽيمن جي وچ ۾ رگبي ميچ جو مقابلو ٿيو. رگبي جي مقابلي ۾ ميرپورخاص ٽيم جي رانديگرن بهترين راند جو مظاهرو ڪندي سخت مقابلي بعد حيدرآباد جي ٽيم کي شڪست ڏئي ٽرافي پنهنجي نالي تي ڪري ورتي. ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر واشديو مالهي پاران ونر، رنر ٽيم ۽ رانديگرن ۾ ٽرافيون ۽ انعام ورهايا ويا. ان موقعي تي حسن شاهه، غني ڦلاڻي، اسلم قريشي، سدرا، امام بلوچ، رازي انصار، امجد سومرو، ميڊم ثروت، امان الله خاصخيلي، شاهد بلوچ، عمران بلوچ ۽ ٻين سميت رانديگر جي وڏي انگ موجود هئا.