ميرپورخاص سول اسپتال ۾ دوائن جي بجيٽ ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن

جُولاءِ 11, 2023

ميرپورخاص (رپورٽ: فهد سلطان چانڊيو) ميرپورخاص سول اسپتال مختلف مسئلن جي ور چڙهيل، 112 ڊاڪٽرن جون آساميون خالي پيل، ڪروڙين رپين جي بجيٽ باوجود مريضن لاءِ بي لاڀ بڻيل. فنڊز ۾ مبينا ڪرپشن جا انڪشاف ٿيو آهي

 ميرپورخاص ڊويزنل هيڊڪواٽر جي 120 بسترن تي مشتمل سول اسپتال 3 هزار کان وڌيڪ روزاني او پي ڊي هجڻ باوجود ريفر سينٽر بڻجي وئي آهي

مليل انگن اکرن موجب سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جون 112 آساميون خالي پيل آهن، جڏهن ته مقرر ٿيل 67 ڊاڪٽرن مان 60 ڊاڪٽر ڊيوٽي سرانجام ڏين ٿا

 معلوم ٿيو آهي ته دوائن جي مد ۾ 27 ڪروڙ کان وڌيڪ بجيٽ هجڻ باوجود اڪثر مريضن کي سرڪاري دوائون نٿيون ملن، کين پيسن عيوض خانگي ميڊيڪل اسٽورن تان خريد ڪرڻيون پون ٿيون. 80 ڪروڙ کان وڌيڪ بجيٽ رکندڙ سول اسپتال ۾ مبينا ڪرپشن جا انڪشاف پڻ ٿيا آهن

 هلندڙ سال جي مليل انگن اکرن موجب 27 ڪروڙ 75 لک رپيا دوائن لاءِ مختص هئڻ باوجود صرف مئي جي مهيني ۾ 5 ڪروڙ ۽ جون مهيني ۾ 9 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم دوائن جي خريداري جي مد ۾ ڪڍرائي وئي

 جڏهن ته جنريٽر ۽ ايمبولينس جي تيل جي مد ۾ رکيل 86 لکن مان مئي مهيني ۾ 34 لک ۽ جون ۾ 5 لک رپيا ڪڍرايا ويا

 ان کان علاوه مختلف ڪمن جي مد ۾ رکيل 2 ڪروڙ 12 لکن مان صرف مئي مهيني ۾ 31 لک ۽ جون ۾ هڪ ڪروڙ 13 لک رپيا ڪڍرايا ويا

 مشينري ۽ فرنيچر خريد ڪرڻ لاءِ جون مهيني ۾ 85 لک رپيا ڪڍرايا ويا آهن

ايم ايس پاران سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ جو اعتراف

ميرپورخاص سول اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ (ايم ايس) ڊاڪٽر شيرو موتي راٺوڙ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته 80 ڪروڙ کان وڌيڪ بجيٽ مان 80 سيڪڙو رقم ڊاڪٽرن ۽ عملي جي پگهارن ۽ الائونسز تي خرچ ٿي وڃي ٿي

 هن جو چوڻ هو ته هلندڙ سال ڊجيٽل ايڪسري مشين، ڪيمسٽري انالائزر، اکين جي مشين ۽ آپريشن ٿيٽر ۾ استعمال ٿيندڙ مختلف مشينون خريد ڪيون ويون آهن، ان کان علاوه فرنيچر پڻ خريد ڪيو ويو آهي

 هن اعتراف ڪيو ته او پي ڊي جي حساب سان ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي، جنهن ڪري مجبوري ۾ مريضن کي ٻين شهرن ڏانهن ريفر ڪيو وڃي ٿو

سندس چوڻ هو ته پيراميڊيڪل عملي، صفائي جي عملي سميت مختلف پوسٽون خالي پيل آهن، جن لاءِ اعلي اختيارين کي لکيو آهي

 هن چيو ته اسپتال ۾ دوائن جي ڪا کوٽ ناهي، اڪثر ٽيسٽون پڻ سرڪاري ليبارٽري مان ڪرايون وڃن ٿيون.

 ڊاڪٽر ڊيوٽيون ڪرڻ بدران خانگي ڪلينڪون هلائين ٿا: ساڃاهه وند

سول اسپتال ۾ سهولتن جي اڻاٺ جي سلسلي ۾ شهرين ۽ ساڃاهه وندن واجد لغاري، منظور ميمڻ، نقاش مري، محمد بخش ڪپري ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائندي چيو ته سول اسپتال ميرپورخاص علاج گاهه بدران ريفر سينٽر بڻيل آهي

سندن چوڻ هو ته اڪثر غريب ۽ بي پهڇ مريضن کي عملي ۽ ڊاڪٽرن پاران رلايو وڃي ٿو. دوائن جي کوٽ، ڊاڪٽرن پاران چڪاس نه ڪرڻ جون اڪثر شڪايتون اچن ٿيون

هنن ٻڌايو ته اڪثر ڊاڪٽر سول اسپتال ۾ ڊيوٽي ڪرڻ بدران پنهنجيون خانگي ڪلينڪون هلائين ٿا، گائني وارڊ ۾ علاج لاءِ ايندڙ حاملا عورتن کي ليڊي ڊاڪٽرن پاران خوف ڏياري پنهنجين خانگي اسپتالن تي گهرائي ڊليوري عيوض هزارين رپيا اوڳاڙيا وڃن ٿا

Leave A Comment