ميرپورخاص ضلعي ۾ 58 هزار ايڪڙن تي انبن جا باغ: مقامي ماڻهو بي روزگار

جُون 5, 2023

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ مينگو فيسٽيول لاڳتيو 3 ڏينهن جاري رهڻ بعد پڄاڻي تي پهچي ويو آهي جنهن دوران انگ اکر سامهون آيا آهن ته ضلعي اندر انبن جا 58 هزار ايڪڙن تي باغ ڦهليل آهن جنهن مان 3 لک ٽن کان وڌيڪ پيداوار ٿئي ٿي

ميرپورخاص ضلعي اندر انبن جي وڏي نرسري هجڻ باوجود مقامي ماڻهن کي روزگار جا موقعا نٿا ملن، ان جي جاءِ تي ٻاهران ماڻهو آڻي انبن جي ڇانتي سميت انهن کي پچائڻ ۽ سارسنڀال جا ڪم به ورتا ويندا آهن

ٻئي طرف ٽن ڏينهن تائين جاري رهندڙ مينگو فيسٽيول به واپارين توڙي شوقينن جي دلچسپي جو مرڪز بڻيل رهيو، مينگو فيسٽيول ۾ انبن جون 200 کان وڌيڪ جنسون رکيون ويون، بهترين جنسون رکڻ تي نواز آباد فارم پهريون نمبر قرار ڏنو ويو

اي ڪيٽيگري ۾ پھريون نمبر نواز آباد فارم، ٻيو نمبر عارف خان ڀرڳڙي فارم، ٽيون نمبر محمد حسين پلهه فارم حاصل ڪيو

جڏهن ته بي ڪيٽيگري ۾ پھريون انعام الله بچايو راڄڙ فارم ، ٻيو نمبر مقبول ميمڻ فارم، ٽيون نمبر ارشاد ڀرڳڙي فارم کنيو

سي ڪيٽيگري ۾ پھريون نمبر قربان لاشاري فارم، ٻيو نمبر شير محمد راجپوت فارم ۽ ٽيون نمبر غلام محمد مري فارم ماڻيو، جن کي انعام طور نقد رقم ۽ شيلڊون ڏنيون ويون

هي به پڙهندا

پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي سيڪريٽري زراعت اعجاز مهيسر  چيو ته مينگو فيسٽول ۾ انبن جي بيمارين ۽ انهن کان بچاءَ لاءِ سکيا ملي آهي. ميرپوخاص مينگو فيسٽول ۾ 200 انبن جا قسم هئا پر دنيا ۾ هن وقت 13 هزار کان وڌيڪ انبن جا قسم آهن

 هن چيو ته سڪرنڊ ۾ سيڊ ليب آهي جيڪا گذريل 5 سالن کان بند آهي جنهن کي کولڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون جلد انهن کي بحال ڪيو ويندو

 صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ چيو ته ھتان جي سنڌڙي انب کي يورپي يونين جي ملڪن ۾ تمام گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو اھڙو فيسٽول ڪراچي ۾ پڻ منعقد ڪيو ويندو. ھتان جو انب امريڪا، يورپ، سعودي عرب، دبئي ۽ ٻين ملڪن ۾ ايڪسپورٽ ٿئي ٿو

Leave A Comment