حسين بخش مري (ن پ ا) ميرپورخاص ڀرسان ڳوٺ چوڌري عبدالغني ۾ زبون حال بڻيل پراڻي مسجد جي تعمير لاء مسجد کي شھيد ڪرڻ دوران ميرپورخاص تبليغي مرڪز جا شاگرد مسجد جي اوچتو ڇت ڪري پئي، جنهن سبب 18 ورهين جو حافظ صابر مري ملبي هيٺ اچي دٻجي شهيد ٿي ويو، جڏهن ته سندس وڌيڪ ھڪ ساٿي وسيم احمد پٺاڻ سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو ، جتي زخمي شاگرد جو علاج جاري ھو ۽ ڊاڪٽرن پاران سندس حالت سنڌرندڙ ٻڌائي پي وئي ۽ شهيد شاگرد جي مڙھ کي ضروري ڪارروائين بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ،
سڪرنڊ شهري اتحاد جي اڳوڻي صدر جي دڪان ۾ ڌاڙو: مينيجر کي مارڪٽ
سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ شهري اتحاد جي اڳوڻي صدر سيد احسان شاهه جي سيمنٽ ۽ ريتي جي ايجنسي ۾ ڦورو داخل ٿي مينيجر امام الدين ڪيريو کي مارڪٽ ڪري روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا.