ميرپورخاص: معصوم آمنه سان ڪيترائي ڀيرا زيادتي، بکيو رکڻ ۽ گهٽا ڏئي مارڻ جو انڪشاف

  ميرپورخاص: معصوم آمنه سان ڪيترائي ڀيرا زيادتي، بکيو رکڻ ۽ گهٽا ڏئي مارڻ جو انڪشاف

ميرپورخاص(رپورٽ: فهد سلطان چانڊيو) ميرپورخاص لڳ قتل ٿيل 8 سالن جي ٻارڙيءَ جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌري، ساڻس ڪيترائي ڀيرا زنا ٿيڻ، کيس بُکيو رکڻ ۽ ساھه ٻوساٽي مارڻ جو انڪشاف، خبر موجب ميرپورخاص جي تعلقي ٿاڻي جي حد جھلوري ويجھو اغوا بعد بيدرديءَ سان قتل ڪيل 8 سالن جي معصوم ٻارڙي آمنا قنڊاڻي جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌري ڪئي وئي آھي، جنھن ۾ معصوم نياڻي سان حولناڪ ظلم ٿيڻ جا انڪشاف ڪيا سامھون آيا آھن. ابتدائي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي ته آمنا کي پلاسٽڪ جي نلڪِي سان گھٽو ڏئي ساھ ٻوساٽي ماريو ويو ھو، سندس اڌ وات کُليل ھو ۽ زبان ٻاھر نڪتل ھئي، اکيون بند ٿيل ۽ سڄيل ھيون. رپورٽ ۾ اھو پڻ ڄاڻايو ويو آھي تھ جسم جو ڳجھو حصو تمام گھڻو کليل ھو ۽ ساڻس ڪيترائي ڀيرا زنا ٿيل ھو ۽ سندس شلوار پڻ ڦاٽل ھئي. رپورٽ ۾ اھو پڻ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيو ويو آھي تھ معصوم نياڻي جو معدو مڪمل طور خالي ٿيل ھو ۽ سندس جسم جا ڪيترائي حصا ڳري چُڪا ھئا. ٻئي طرف ايس ايس پي ميرپورخاص سمير نور چنا واقعي جي جاچ جي سلسلي ۾ ڊي ايس پي سيٽ لائيٽ ٽائون اسلم جاگيراڻي، تعلقي ٿاڻي جي ايس ايڇ او سنجي ڪمار، سب انسپيڪٽر اقبال جٽ ۽ اي ايس آءِ غلام اڪبر تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آھي. جڏهن ته سي آءِ اي ۽ حد جي تعلقا پوليس جھلوري شھر ۽ ان ڀرسان مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھڻي 9 ڄڻن کي پڇا ڳاڇا جي سلسلي ۾ حراست ۾ وٺي اڻڄاتل ھنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو آھي. پوليس پاران حراست ۾ ورتلن جا نالا ظاھر نھ پيا ڪيا وڃن.
 

وومين ايڪشن فورم ايس ايس پي جي جاچ ڪاميٽي رد ڪري ڇڏي

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) وومين ايڪشن فورم حيدرآباد ايس ايس پي جي جاچ ڪاميٽي رد ڪري ڇڏي، وومين ايڪشن فورم حيدرآباد واقعي جي سخت لفظ ۾ مذمت ڪندي چيو آھي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي غير ذميواراڻي رويي سبب عورتن ۽ ٻارن تي ٿيندڙ تشدد جا واقعا وڌي رھيا آھن، جنھن سان ڏوھارين جا ڏوھارين کي حوصلو ملي رھيو آھي. ايڪشن فورم پاران ايس ايس پي ميرپورخاص پاران جاچ لاءِ ٺھيل ڪاميٽيءَ تي پڻ خدشا ظاھر ڪندي چيو ويو آھي ته جاچ ڪاميٽيءَ ۾ اھي اھلڪار شامل ڪيا ويا جن جي غفلت سبب ٻارڙي جي وقت سر ڳولا نھ ٿي سگھي ۽ ھڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو. ھنن مطالبو ڪيو آھي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي ترت گرفتار ڪري، پوليس جي ڪوتاھي ۽ غفلت جي پڻ مڪمل جاچ ڪئي وڃي..
 

پوليس  اصل جوابدارن بدران موالين خلاف وٺ پڪڙ شروع ڪري ڏني
 ميرپورخاص: ذريعن موجب حراست ۾ ورتلن جي اڪثريت آئيس ۽ ٺري جي موالين تي ٻڌل آھي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس اصل جوابدارن تائين پهچڻ بدران موالين خلاف وٺ پڪڙ شروع ڪري ڏني آهي.
 

جهلوري پوليس تي لاپرواهي جو الزام: اهلڪارن معاملي کي سنجيدا نه ورتو: والد
 ميرپورخاص: معصوم نياڻي آمنا جي والد پيش امام غلام حيدر قنڊاڻي چيو آھي ته سندس ڌيءُ گم ٿي ھئي، پوليس کي لاڳيتو سندس ڌيءُ جي ڳولا ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ چوندو رھيو پر پوليس بھانا بڻائيندي رھي. ميڊيا سان ڳالھائيندي ھن چيو تھ جھلوري جي پوليس پوسٽ انچارج اڪبر لغاري سميت تعلقي ٿاڻي جي ايس ايڇ او  سنجي معاملي کي سنجيدگيءَ سان نھ ورتو. ھن چيو تھ ھو صبح شام پوليس عملدارن وٽ ويندو رھيو ۽ کين روئي ھٿ ٻڌي منٿون ڪندو رھيو تھ سندس ڌيءُ کي بازياب ڪرايو وڃي. ھن چيو تھ پوليس وارا کيس چوندا رھيا تھ اوھان جو پنھنجن ۾ ڪو تڪرار آھي، اتي جفاڪشي ڪريو ۽ اتي وڃي ڌيءُ کي ڳوليو.