ميرپورخاص: مهوش جروار واقعو قتل قرار، سي سي ٽي وي ڦوٽيجز هٿ، ڪيس داخل، جوابدار گرفتار

اپريل 11, 2025

ميرپورخاص(رپورٽ: فهد سلطان چانڊيو) ميرپورخاص سينٽرل جيل جي ڪوارٽر مان عورت پوليس اھلڪار مھوش جروار جي لاش ھٿ واري واقعي ۾ نوان انڪشاف سامھون اچي ويا آھن. فوتي عورت جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن پنھنجي شروعاتي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آھي ته عورت اھلڪار جي مُنھن، ڳِلن ۽ جسم جي ٻين ھنڌن تي تشدد جا نشان ظاھر ٿيل آھن ۽ سندس گلي تي پڻ ٻن ھنڌن تي رسن ذريعي آيل گھٽن جا نشان موجود ھئا. صحت کاتي جي ذريعن موجب شڪ ظاھر ڪيو پيو وڃي تھ عورت کي قتل ڪيو ويو آھي، جڏھن تھ پوسٽ مارٽم جي حتمي رپورٽ اڃا تائين جاري ناھي ڪئي وئي. ھوڏانھن سينٽرل جيل جي ڪوارٽرز ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪيمرائن جا فٽيجز سيٽ لائيٽ ٽائون پوليس حاصل ڪري ورتا آھن. پوليس ذريعن موجب سي سي ٽي وي ڪيمرا جي وڊيو ۾ واقعي کان ڪجهھ وقت اڳ عورت اھلڪار کي بليڪ ميل ڪرڻ جي الزام ھيٺ آيل جيل جي پوليس اھلڪار يوسف کوسي جي موٽر سائيڪل کي عورت جي گھر بيٺل ڏيکاريو ويو آھي، جڏھن ته اھلڪار پاڻ به عورت جي گھر ۾ داخل ٿيندي ڏيکاريو ويو آھي. ايس ايس پي ميرپورخاص ثمير نور چنا معاملي جي انڪوائري لاءِ ڊي ايس پي سيٽ لائيٽ ٽائون اسلم جاگيراڻي ۽ ڊي ايس پي ڊگھڙي مير آفتاب کي مقرر ڪري ڇڏيو آھي، جن عورت جي والده ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين جا بيان پڻ قلمبند ڪري ورتا آھن. جڏهن ته زريعن موجب اھو پڻ معلوم ٿيو آھي ته ڊي آءِ جي جيل حيدرآباد پڻ سينٽرل جيل ميرپورخاص پھچي عورت اھلڪارن جا بيان رڪارڊ ڪيا آھن. ليڊي پوليس اهلڪار مهوش جي واقعي جو ڪيس سيٽلائٽ ٽائون ٿاڻي جي فوتڻ جي ماء ياسمين جروار جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ الزام هيٺ آيل پوليس اهلڪار يوسف کوسو ء مهوش جي مڙس گل محمد کي جوابدار طور نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس پاران ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ايس ايس پي ميرپورخاص ثمير نور چنا پاران سينٽرل جيل جي ڪوارٽرز ۾ عورت اھلڪار جو لاش ملڻ واري واقعي جي ڪرايل جاچ کان پوءِ ايس ايس پي ميرپورخاص واقعي کي قتل قرار ڏئي ڇڏيو آھي. ان ڏس ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي ھن چيو تھ سندن آفيسرن پاران جيتري قدر انڪوائري ڪئي وئي آھي، ان مان نٿو لڳي تھ ھي واقعو خودڪشي آھي، بلڪه ھي واقعو قتل ثابت ٿئي ٿو. ھن وڌيڪ چيو ته عورت جي وارثن جيل پوليس جي اھلڪار يوسف کوسي تي قتل جو شڪ ظاھر ڪيو ھو، ان کي حراست ۾ ورتو ويو آھي.

ڌيءُ قتل ٿي، بليڪ ميلنگ جي شڪايت تي کيس بدلي ڪيو ويو هو: ياسمين جروار

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾مبينا قتل ٿيل ليڊي اهلڪار مهوش جي والده ياسمين جروار ميرپورخاص پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي الزام ھڻندي چيو آھي ته سندس ڌيءُ کي ماريو ويو آھي، جنھن ۾ جيل پوليس جو اھلڪار يوسف کوسو شامل آھي. ھن وڌيڪ چيو ته سندن برادريءَ جون ٻيون ڇوڪريون به جيل ۾ ڪانسٽيبل طور ڪم ڪن ٿيون، جيڪڏھن جيل ۾ اھڙي حالت آھي ته پوءِ ٻيون ڇوڪريون به محفوظ نه رھنديون. ھن وڌيڪ چيو ته مھوش اڳ ۾ يوسف جي شڪايت ڪئي ته کيس حيدرآباد بدلي ڪيو ويو ھو، جيڪا بدلي بعد ۾ واپس ڪئي وئي. ھن وڌيڪ چيو تھ جيل عملي کي سموري خبر ھئي، مھوش کي مُڙس کي بھ سڀ خبر ھئي، مھوش جو مڙس پاڻ ڪمائيندو نھ ھو بلڪه مھوش کي چوندو ھو ته کيس پئسا ڏئي. ھن وڌيڪ ٻڌايو تھ واقعي وقت مھوش جي ٻانھن مروڙيل ھئي ۽ سندس منھن تي نشان ھئا. ياسمين جروار سان گڏ آيل ايڊووڪيٽ نذيران ٻڌايو ته مھوش پنھنجي جان بچائڻ لاءِ دانھون ڪندي ھئي، پر ٻيڻو کيس بدلي ڪيو ويو ھو. ھن چيو تھ مھوش جي ھڪ ٻانھن ڀڳل ھئي ۽ جسم گلي جا بٽڻ پڻ ٽٽل ھئا. ھن چيو ته  سي سي ٽي وي ڪيمرائن ۾ يوسف کي گھر جي آس پاس ڏٺو ويو آھي. ھن چيو تھ جيل اندر ٻيون به 20 کان 25 ڇوڪريون ڪم ڪن ٿيون، الله انھن کي محفوظ رکي.

مک جوابدار پوليس اهلڪار يوسف کوسو ڪوٽ غلام محمد مان گرفتار

ميرپورخاص: ميرپورخاص سينٽرل جيل جي ڪوارٽر مان عورت پوليس اھلڪار مھوش جروار جي لاش ھٿ واري واقعي جي مک جوابدار کي پوليس ڪوٽ غلام محمد مان گرفتار ڪري ميرپورخاص جي سٽلائيٽ ٽائون ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

اهلڪار مهوش جو مڙهه ڊگهڙي ويجهو امن آباد ۾ مٽي ماءُ حوالي

ميرپورخاص: پوليس اھلڪار مھوش جروار جو لاش پوسٽ مارٽم حوالي وارثنم حوالي ڪيو ويو، وارث عورت اهلڪار جو لاش ڊگهڙي جي امن آباد واري علائقي ۾ کڻائي آيا جتي سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي، سندس جنازي نماز ۾ علائقي جي سياسي سماجي شخصيتن ۽ ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته پونئيرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

مهوش تي سندس مڙس ۽ اهلڪار يوسف کوسو ذهني ٽارچر ڪندا هيا: ايف آءِ آر جو متن

ميرپورخاص: مبينا طور قتل ٿيل ليڊي اھلڪار مھوش جي امڙ ياسمين جروار ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو آهي منهنجي ڌي جيل پوليس ۾ اهلڪار هئي جنهن کي سندس مڙس ۽ پوليس اهلڪار يوسف کوسو مسلسل ذهني ٽارچر ۽ بليڪ ميل ڪندا رهيا هئا،جنهن جي شڪايت منهنجي ڌي ٻار بار مونکي ڪئي هئي، اهڙي ڳالهه مون مهوش جي مڙس کي پڻ چئي پر هن ڪجهه نه ڪيو.گذريل ڏينهن منهنجي ٻئي ڌي بنيش مونکي فون تي اطلاع ڪيو ته مونکي خبر پئي ته مهوش جي مڙس گل محمد ۽ پوليس اهلڪار يوسف کوسو مهوش کي جيل جي گيٽ تي ڊيوٽي ڪرڻ تان منع ڪيو آهي.

 

Leave A Comment