ميرپورخاص ميئرشپ لاءِ جنيد بلند ۽ ڪرن ڪمار آمهون سامهون
مَي 25, 2023
ميرپورخاص(رپورٽ: فهد سلطان چانڊيو)ميرپوخاص ميونسپل ڪارپوريشن لاءِ ميئر جي اميدوار طور ڊڪ ڊوڙ ڪندڙ پ پ اڳواڻ جنيد بلند چيو آهي ته ميئرشپ لاءِ اميدوار چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هٿ ۾ آهي اميد آهي ته منهنجو نالو ميئر لاءِ فائنل ٿيندو
هن چيو ته اختيار نه هئڻ باوجود مون شهر لاءِ ڪم ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته اسان پ پ پ جا ورڪر آهيون اسان جو منشور عوام جي خدمت ڪرڻ آهي
هي به پڙهندا