| ميرپورخاص ميڊيڪل ڪاليج لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ جو حڪم |
حسين بخش مري(ن پ ا) ميرپورخاص جي اي آر ڪي سوسائٽي فار پروٽيڪشن آف فنڊامينٽل رائٽس جي چيئرمين عبدالناصرخان سنڌ حڪومت پاران 2007 ۾ ميرپورخاص جي عوام لاءِ ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪرڻ واري اعلان بعد 2013 ۾ بجيٽ جاري ڪري ميڊيڪل ڪاليج جي تعمير شروع ڪرڻ جي باوجود 2025 تائين ميڊيڪل ڪاليج جي مڪمل طور تعمير نه ٿيڻ ۽ ميڊيڪل ڪاليج فعال نه هجڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني پٽيشن نمبر سي پي. ڊي. 2025/694 داخل ڪرئي ڇڏي آهي، جنهن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ۾ هلندڙ ٻڌڻين بعد جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ ۽ جسٽس رياضت علي سينهڙ تي ٻڌل معزز عدالت جي بيچ فيصلو جاري ڪندي سنڌ حڪومت کي ميرپورخاص جي ميڊيڪل ڪاليج لاءِ فوري طور ضرورت موجب فنڊ جاري ڪرڻ جو حُڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ان کان ساوءِ ميڊيڪل ڪاليج ميرپورخاص کي هڪ سال اندر تعمير مڪمل ڪري ڪاليج کي فعال بڻايو وڃي ته جيئن ميڊيڪل جي تعليم حاصل ڪرڻ جا خواهشمند شاگرد ۽ شاگردياڻيون پنهنجي تعليم جو سلسلو ميرپورخاص جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ شروع ڪري سگھن ۽ ان ڪاليج مڪمل ٿيڻ تائين شاگردن ۽ شاگردياڻين کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي تعليم جاري رکڻ لاءِ جيڪڏهن ممڪن هجي ته عارضي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.