ميرپورخاص: نابين ناري سان زيادتي ڪندڙ جوابدار عدالت پيش، رمانڊ تي پوليس حوالي

ڊسمبر 31, 2024

ميرپورخاص(رپورٽ: وارث خاصخيلي) ميرپورخاص ۾ نابين ناري سگن ڪولھي سان مبينا طور جنسي ڏاڍائي ڪندڙ جوابدار غلام نبي لانگھاڻي عدالت ۾ پيش ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي وومين پوليس حوالي، سڀاڻي جوابدار کي ٻيھر عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، عدالتي حڪم تي جوابدار جو ميڊيڪل ڪرائي سندس چڪاس ڪرائڻ لاءِ جزا ورتا ويا آھن، جوابدار پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته متاثر ناري ۽ سندس فريادي امڙ فحاشي جو ڪم ڪنديون آھن، مون کان پئسا ورتا ھئا، زبردستي واري الزام ۾ ڪا به صداقت ناھي، گنھگار آھيان پر ظالم ناھيان، پنهنجي غلطي جي معافي ورتي اٿم، متاثر ڌر پاڙي وارن جي چوڻ تي مون کي ڦاسايو آھي، ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي فريادي عورت مريم ڪولھي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته سندس لڳايل الزامن ۾ ڪا به صداقت ناھي، منهنجي نابين ڌيءَ سان جوابدار گھر ۾ گهڙي زبردستي جنسي ڏاڍائي ڪئي آھي، اڄ به متاثر نياڻي جو ايڪسري ۽ ٻيون ٽيسٽون ڪرايون آھن، جيڪي رپورٽون پوليس وٽ آھن، جيڪڏهن جوابدار ڏوهي به آهي ته پوءِ هن جا وارث اڄ به ميڙ ڪري ڇو آيا هئا، لڄ به اسان جي لٽي وئي ۽ ڪورٽ ۾ ڪوڙو بيان ڏئي خوار به اسان کي ڪيو ويو، ھيڏي خواري کانپوءِ آئون معاف نٿي ڪري سگهان،  اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ھوڏانھن رابطو ڪرڻ ايس ايچ او مومل لغاري پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته جوابدار جي اھڙي بيان تي اسان فريادي ڌر جي چال چلن ۽ سندن رڪارڊ به چيڪ ڪرائينداسين، باقي جوابدار ڏوهه جو پاڻ به اعتراف ڪيو آھي ۽ شروعاتي ميڊيڪل رپورٽن ۾ به ڏاڍائي جي تصديق ٿي آھي، باقي سندس فائنل ميڊيڪل رپورٽن مان معاملي جون حقيقتون سامهون اچي وينديون.

Leave A Comment