ميرپورخاص نوجوان فوت، تشدد جي تصديق
جُون 18, 2025
ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ميرپورخاص ۾ منشيات جي عادت ڇڏائڻ لاءِ غير رجسٽرڊ سينٽر ۾ نوجوان فوت، مٿس تشدد ٿيڻ جي تصديق، خبر موجب ميرپورخاص جي غريب آباد واري علائقي ۾ منشيات جي عادت ڇڏائڻ لاءِ جوڙيل ھڪ غير رجسٽرڊ ميڊيڪل سينٽر ۾ 33 سالن جو نوجوان وسيم شيخ فوت ٿي ويو آھي، جنھن جو لاش سول اسپتال نيو ويو، جتي ڊاڪٽرن جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب نوجوان جي جسم تي تشدد جا نشان موجود ھئا. ان ڏس ۾ سينٽر ھلائيندڙ محمد علي شر ٻڌايو تھ سندن ادارو سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ وارن وٽ رجسٽرڊ آھي ۽ ھن اداري ھلائڻ ۾ سندس فيض محمد بلوچ نالي شخص پارٽنر پڻ آھي.
ھن ٻڌايو تھ ھو پاڻ بھ اڳ ھيروئن پيئندو ھو، جنھن بعد ھن بينڪ جي نوڪري تان بھ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ ھاڻ ھن منشيات جي عادي نوجوانن کان اھا عادت ڇڏائڻ لاءِ سينٽر جوڙيو آھي، جتي ھڪ نفسيات جو ڊاڪٽر اچي مريضن کي چيڪ ڪندو آھي ۽ دوائون تجويز ڪندو آھي.
ھن چيو تھ ھن سينٽر ۾ ھڪ ايڇ آءِ وي جو مريض پڻ داخل آھي. ھن چيو تھ جيڪو نوجوان فوت ٿي ويو آھي، ان کي سندس وارث ئي ھتي ڇڏي ويا ھئا جن بعد ۾ سندس ڪا بھ سار نھ لڌي ۽ کيس ڪپڙا بھ نھ موڪليندا ھئا، جنھن ڪري ھن ڪاوڙ ۾ اچي واش روم ۾ پيل صابڻ کاڌو آھي، جنھن سبب سندس طبيعت خراب ٿي ۽ ھو سلپ ٿي ھيٺ ڪري پيو. ھن وڌيڪ سينٽر ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪيمرائن بابت ٻڌايو تھ ڪيمرائون ھلن ٿيون پر انھن جو وٽن ڪو بيڪ اپ ناھي ٺھندو، جنھن وسيلي رڪارڊ ٿيل وڊيو ڏسي سگھجن.
ٻئي طرف سينٽر ۾ منشيات جي عادي طور رکيل ھڪ ھمراھ شوڪت خاصخيلي ٻڌايو تھ ھتي سينٽر ۾ رکيل ماڻھن تي جسماني تشدد ڪيو وڃي ٿو، سندن ھٿ پير ٻڌي لتن ۽ مڪن سان ماريو وڃي ٿو. ھن چيو تھ جيڪو نوجوان فوت ٿيو آھي، ان تي بھ گذريل رات ھٿ پير ٻڌي تشدد ڪيو ويو ھو، جنھن سبب ھو فوت ٿيو آھي.
ھوڏانھن فوتي نوجوان جي مامي ٻڌايو تھ وسيم جي جسم تي نشان موجود ھئا، ھو پوليس وٽ ويا پر سندن ڪيس داخل نھ پيو ڪيو وڃي. ھن چيو تھ معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي.
ھوڏانھن ڊي ايڇ او امجد اعظم سريوال ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ ھنن جو اھڙي ڪنھن بھ سينٽر سان واسطو ناھي، جيڪڏھن اھڙو ادارو غير رجسٽرڊ آھي تھ ان خلاف ڪارروائي ڪرڻ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن جي آھي.ٻئي طرف غريب آباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او مير محمد ڪيريو ٻڌايو تھ فوتي نوجوان جا وارث اڃا ٿاڻي تي ناھن آيا، جيڪڏھن ھو ايندا تھ سندن مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪري وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.