| ميرپورخاص: نينگري آمنه ڪيس ۾ گرفتار جوابدار عدالت ۾ پيش، ڏوهه جو اعتراف، ٻيهر جيل حوالي |
ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص لڳ تعلقي ٿاڻي جي حد جھلوري شھر ۾ اغوا بعد بيدردي سان قتل ڪيل 8 ورهين جي معصوم نياڻي آمنا ڪنڊاڻي جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ٿيل جوابدار زاھد خاصخيلي کي چار ڏينھن جو جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ بعد پوليس جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي پوليس پاران عدالت ۾ جوابدار جو 164 جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ ۽ وڌيڪ 14 ڏينھن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي، عدالت سڳوري پوليس پاران جوابدار جو 164 جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ جي استدعا تي جوابدار جو 164 جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو، جوابدار جو بيان ريڪارڊ ٿيڻ بعد عدالت سڳوري پوليس پاران ڪيل وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي استدعا کي رد ڪندي جوابدار کي جڊيشل ڪسٽڊي تحت جيل موڪليو ويو آھي.جڏھن ته عدالت سڳوري ايندڙ ٻڌڻي 22 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آھي. هوڏانهن ڪيس جي جاچ آفيسر ۽ تعلقي ٿاڻي جي ايس ايچ او سنجي ڪمار عدالت ٻاهران صحافين کي ٻڌايو ته جوابدار عدالت ۾ ڏوھ جو اعتراف ڪيو آھي ۽ اھو ئي بيان رڪارڊ ڪرايو اٿس ته ھو ان ڏوھ ۾ اڪيلو ئي شريڪ ھو، جڏھن ته پوليس پاران پنھنجي طور ڪيس جي سلسلي ۾ قانون موجب جاچ ڪئي پئي وڃي.