ميرپورخاص واسڻ واقعي ۾ نئون رخ: پوليس پاران گرفتار جوابدار بدلي ننڍو ڀاءُ پيش ڪرڻ جو شرط

ميرپورخاص واسڻ واقعي ۾ نئون رخ: پوليس پاران گرفتار جوابدار بدلي ننڍو ڀاءُ پيش ڪرڻ جو شرط

ميرپورخاص(رپورٽ: فهد سلطان چانڊيو)  2 ڏينھن اڳ سيٽلائيٽ ٽائون ٿاڻي جي حد گلشن ڪالوني ۾ مبينا گهر اندر گولي لڳڻ سبب 18 ورهين جي نوجوان ناري صائما ملڪ فوت ٿيڻ وارو معاملو نئون رخ اختيار ڪري ويو، پوليس زريعن موجب ناري جي گهر ڀرسان سي سي ٽي وي مان معلوم ٿيو آهي ته پوليس حراست ۾ ناري جو ڀاء عابد ملڪ واقعي واري وقت کان ڪجھ دير پهرين گهر مان ٻاهر ويندي نظر اچي پيو، جنهن سان شڪ آهي ته واقعي واري وقت ناري جو ننڊو ڀاءُ عادل ملڪ گهر ۾ موجود هو جنهن جي هٿان غلطي سان فائر ٿيڻ سبب گولي ناري کي لڳي ۽ هوءَ فوت ٿي وئي، جڏھن ته ناريءَ جو والد صدر الدين ملڪ ۽ وارث عابد ملڪ کي ڇدائڻ لاءِ ٿاڻي پهتا، جتي پوليس ناري جي ننڊي ڀاءُ عادل کي پيش ڪرڻ جي شرط تي عابد کي ڇڏڻ جو چيو، پر وارثن هن وقت تائين عادل کي پيش ناهي ڪيو، ناري جو ننڊو ڀاء گرفتار نه ٿين سبب 2 ڏينھن گذرڻ باوجود واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو، پوليس موجب سيٽلائيٽ ٽائون ٿاڻي تي ناري جي واقعي جو ڪيس سرڪار جي فرياد تي 322 قتل خطا جي قلم تحت داخل ڪيو ويندو، ياد رهي ته 2 ڏينھن اڳ گلشن ڪالوني ۾ واقعو پيش آيو هو جتي گهر اندر فائرنگ سبب 18 ورهين جي ناري صائمه کي گولي لڳي هئي جنهن سول اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو هو ايس ايس پي ميرپورخاص سمير نور چنا جي نوٽس بعد پوليس ڪاروائي ڪندي ناري جي ڀاء عابد کي پسٽل سميت حراست ۾ ورتو هو،