ميرپورخاص ويجهو گم ٿيل معصوم نياڻي بي دردي سان قتل: ٻوري بند لاش هٿ: جهلوري ۾ هڙتال: باهيون: ڌرڻو

ميرپورخاص ويجهو گم ٿيل معصوم نياڻي بي دردي سان قتل: ٻوري بند لاش هٿ: جهلوري ۾ هڙتال: باهيون: ڌرڻو

ميرپورخاص/ميرواهه گورچاڻي(رپورٽ: وارث خاصخيلي/مظهر گورچاڻي) ميرپورخاص ويجهو گم ٿيل معصوم نياڻي بي دردي سان قتل،  ٻوري بند لاش هٿ، شهري رستن تي نڪري آيا، جهلوري ۾ هڙتال، ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو ويو. تفصيل موجب  تعلقي شجاع آباد جي شھر جھلوري جي پيش امام مولانا غلام حيدر جي 5 ڏينھن اڳ گم ٿيل نياڻي 8 سالن جي آمنا جو ٻوري ۾ بند ٿيل لاش شھر ڀرسان ناصر موڙ وٽان ھٿ آيو آھي، جنھن کي علائقي واسين ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو، جنھن بعد نياڻي جا وارث توڙي پوليس لاش کڻي سول اسپتال ميرپورخاص پھتا، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ھوڏانھن المناڪ واقعي جو ٻڌي سوين ماڻھو پڻ سول اسپتال پھچي ويا.  پوليس خلاف نعري بازي ڪئي وئي،  ڊاڪٽرن جي شروعاتي رپورٽ موجب  پوسٽ مارٽم دوران مقتول معصوم نياڻي جي ڳلي ۾ رٻڙ جو پائپ پيل ھو ـ جڏهن ته جسم تي تشدد جا پڻ نشان هئا ٻئي طرف معصوم آمنه جو لاش جهلوري پهچڻ بعد هر اک آلي ٿي وئي، شهري رستن تي نڪري آيا،  علائقي واسين احتجاجن سمورو جھلوري شھر بند ڪري ڇڏيو ۽ ٽائرن کي باھيون ڏئي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو. وحشي جوابدارن جي گرفتاريءَ جي گھر ڪئي.  شهرين جو چوڻ هو ته هاڻ اسان جون معصوم نياڻيون محفوظ ناهن، پوليس خاموش تماشائي بڻجي چڪي آهي، وحشي جوابدار گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. ھوڏانھن مقتول معصوم شاگردياڻي جي مڙھ کي پيرومل ويجهو سندس اباڻي ڳوٺ تاج محمد ڪيريو ۾ مٽيء ماء حوالي ڪيو ويو , ٻئي طرف ايس ايس پي ميرپورخاص ڊاڪٽر سمير نور چنا جو چوڻ آھي ته معصوم نياڻي جي گم شدگي واري اطلاع کان ئي پوليس ڳولا ۾ رڌل ھئي سندس لاش ملڻ تي ڏک پھتو آھي ٽيڪنيشن ٽيم سر زمين تي پھچي پنهنجي تفتيش شروع ڪري ڇڏي آھي کيس ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو ,
 

  گهرو وزير نوٽيس ورتو، ايس ايس پي ميرپورخاص کي جاچ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ميرپورخاص کي معامل جي تحقيقات ۽ جامع ڇنڊڇاڻ ڪري حقيقتون سامھون آڻڻ ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاريءَ جون سخت ھدايتون ڪري ڇڏيون آھن، جڏھن تھ سياحت ۽ ثقافت واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ، پڻ واقعي جو نوٽيس وٺندي چيو آھي تھ واقعو انتھائي المناڪ آھي، ان سلسلي ۾ وارثن سان مڪمل طور ساٿ ڏنو ويندو ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏني ويندي. ھنن ايس ايس پي ميرپورخاص کي ھدايت ڪئي تھ واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي ترت گرفتار ڪيو وڃي.
 

واقعي ۾ شهر جو ئي ڪو ماڻهو ملوث آهي: والد مولوي غلام حيدر

ميرپورخاص: مقتولا نياڻي جي والد غلام حيدر ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ سندس ڌيءُ آمنا پھرئين ڪلاس ۾ پڙھندي ھئي، 5 ڏينھن اڳ ھوءَ اسڪول وئي ھئي، ھاف ٽائم ۾ واپس گھر آئي ۽ بعد م واپس اسڪول وئي. ھن چيو تھ کيس علائقي جي ھڪ شخص ٻڌايو تھ آمنا اسڪول ويجھو روئي رھي ھئي ۽ چيائين تھ ھڪ شخص کيس مارڻ چاھي ٿو. ھن وڌيڪ چيوتھ ان شخص موجب ھو آمنا کي اسڪول تائين ڇڏي آيو ھو، ان بعد اسڪول جون ڇوڪريون آمنا جو ٿيلھو کڻي گھر ڏئي ويون ۽ چيائون تھ آمنا اسڪول ۾ ناھي، ان جو مطلب تھ آمنا ھاف ٽائم بعد اسڪول ناھي پھتي. ھن واقعي ۾ جھلوري شھر جو ئي ڪو ماڻھو ملوث لڳي ٿو. ھن چيو تھ پوليس سندس ڌيءُ جي ڳولا ڪرڻ بدران کيس ذھني ٽارچر ڪندي رھي تھ اوھان جا پنھنجا پويان کان ڪي ٻيا معاملا آھن.
 

سيد علي نواز شاهه  اسپتال پهتو، وارثن سان همدردي جو اظهار
 

ميرپورخاص: اڳوڻو ايم اين اي سيد علي نواز شاھ پڻ سول اسپتال پھتو، جتي ھن وارثن سان تفصيل ورتا ۽ ساڻن ھمدردي جو اظھار ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي ھن ھن کان وڌيڪ ڪھڙو ظلم ٿي سگھي ٿو تھ ھڪ معصوم ٻارڙي جيڪا اسڪول ويندي گم ٿي وئي پر ان کي پوليس بازياب نھ ڪرائي سگھي ۽ آخر ۾ ان جو لاش مليو آھي. ھن چيو تھ جيڪي ايماندار ۽ ديانتدار آفيسر آھن، انھن جي ھتي پوسٽنگ نھ ٿي ٿئي، باقي جيڪي اچن ٿا اھي آفيسر ڪمداريون ڪرڻ جي پويان آھن، ھر جڳھ تي لاقانونيت آھي، ھاڻ ائين نھ ھلندو، ٻي صورت ۾ ھتان جا ماڻھو پيسجي ويندا. ھن مطالبو ڪيو تھ نياڻيءَ جي خون ۾ ملوث جوابدارن کي ترت گرفتار ڪيو وڃي.
 

ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي واقعي واري هنڌ پهتا، علائقي جو معائنو
 

ميرپورخاص: واقعي بعد ڊي آءِ جي ميرپورخاص محمد زبير دريشڪ، ايس ايس پي ميرپورخاص سمير نور چنا، پوليس عملدار عنايت زرداري واقعي واري جاءِ تي پھتا ۽ علائقي جو جائزو ورتو. آخري اطلاعن تائين ڪو بھ جوابدار گرفتار ناھي ٿي سگھيو.