ميرپورخاص ويجھو ٻالڪ سميت ٻه ڄڻا جمڙائو ۾ ٻڏي ويا: وارثن پاران قتل جو الزام

ميرپورخاص ويجھو ٻالڪ سميت ٻه ڄڻا جمڙائو ۾ ٻڏي ويا: وارثن پاران قتل جو الزام

ميرپورخاص(رپورٽ: فهد سلطان چانڊيو) ميرپورخاص جي تعلقي ٿاڻي جي حد اولھ جمڙائو ڪئنال ۾ ڳوٺ چودري برڪت جا رھواسي 2 ڄڻا  30 سالن جو طلحا ولد نصير جٽ ۽ 10 سالن جو انس قريشي ٻڏي ويا، جن مان ريسڪيو ٽيم جي مدد سان ھڪ ڄڻي طلحا جٽ جو لاش ڪڍيو ويو آھي، جڏھن تھ 10 سالن جي ٻارڙي انس جي ڳولا جاري آھي.  ان حوالي سان تعلقي ٿاڻي جي ايس ايچ او سنجي ڪمار ٻڌايو ته طلحا جٽ سان گڏ ٻارڙو انس ۽ سندس 16 سالن جي ڀيڻ پڻ گڏ ھئا، جيڪي طلحا جا پاڙيسري آھن. ايس ايڇ او موجب سمورا ماڻھو ڪنھن درگاه تي گهمڻ لاء ويا هئا، واپسي تي طلحه جٽ جمڙائو شاخ ۾ وهنجڻ لاء ويو، جنهن تي انس پڻ وهنجڻ لاءِ ضد ڪيو ۽ ھو ٻئي وهنجڻ دوران ٻوڏي فوت ٿي ويا آهن. ايس ايچ او وڌيڪ ٻڌايو ته طلحا جا ڪپڙا ۽ سامان پڻ ٻاهر مليو آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته طلحا پنهنجي مرضي سان وهنجڻ ويو ھو. هوڏانهن طلحا جٽ جي چاچي مشتاق جٽ ٻڌايو ته کين خبر ناهي ته طلحه جمڙائو تائين ڇو ويو هو؟ فوتي جي چاچي موجب ھو پوليس جي موقف مان مطمئن ناهن، ان ڪري واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي ۽ پوسٽ مارٽم ڪرايو وڃي. ھن وڌيڪ چيو ته پوليس موجب طلحا سان گڏ هڪ ڇوڪري ۽ 10 سال جو ٻار بھ هيو، جنهن کي ھو نٿا سڃاڻن، ان ڪري ان ڇوڪري کان بھ جاچ ڪئي وڃي. ھن وڌيڪ چيو تھ کين شڪ آهي ته طلحا کي قتل ڪيو ويو آهي، ڇو جو سياري جي موسم ۾ ڪير به وهنجڻ لاء جمڙائو ۾ نه ويندو.هوڏانهن چوٻول آهن ته طلحه جٽ جي انس قريشي جي ڀيڻ بنيش نالي ناري سان دوستي هئي جڏهن ته واقعي واري وقت هن جر موجودگي پڻ جمڙائو شاخ تي ظاهر ٿي آهي.