حسين بخش مري/ڊگھڙي(نمائندن وٽان) ميرپور خاص ويجھو ڪار پاڻيءَ جي کڏ ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڊگھڙي واسي نوجوان فوت ٿيويو. ان ڏس ۾ ڊگھڙي ڀرسان ڳوٺ فقير غلام علي لغاري جو رهواسي نوجوان جمن ولد منٺار لغاري ميرپورخاص ڀرسان ٻير موري اسٽاپ تي ڪار ڪنٽرول مان نڪري وڃڻ ڪري روڊ جي ڪناري تي پاڻي جي کڏ ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار نوجوان فوت ٿي ويو فوتي جو مڙھ ڊگھڙي شهر آندو ويو جتي جناري نماز ادا ڪرڻ بعد اباڻي ڳوٺ فقير غلام علي لغاري ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو،فوتي نوجوان ڪجھ عرصي کان ڊگھڙي ويجهو انب موري اسٽاپ ڀرسان رهائش پذير هو۔
بلڙي شاهه ڪريم ويجھو ٽريڪٽر ٽراليءَ جي ٽڪر ۾ نينگر فوت
بلڙي شاهه ڪريم (ن پ ا) بلڙي شاه ڪريم شهر سجاول _ ٽنڊومحمدخان روڊ تي ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪر ۾ 12 ورهين جو نينگر رميز پٽ ڀٽو رند سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رورل ھيلٿ سينٽر بلڙي شاھه ڪريم آندو ويو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، جتي ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، اطلاع بعد پوليس پهچي ٽريڪٽر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽريڪٽر ٽرالي حراست ۾ وٺي ڇڏي، هوڏانهن نينگر جو لاش گهر ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
ٽنڊي الهيار ويجھو رڪشا ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، 4 ڄڻا زخمي
ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊَي الهيار لڳ چمبڙ روڊ تي فاضل اسٽاپ وٽ رڪشه ۽ ٽرڪ وچ ۾ آمھون سامھون ٽڪر ٿي پيو. ٽڪر جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ نظيره، متي، دادن ۽ فدا حسين شامل آهن. واقعي بعد مقامي ماڻهن ۽ ريسڪيو عملي زخمين کي فوري طور سول اسپتال ٽنڊوالهيار منتقل ڪيو.
حيدرآباد واسيءَ تي حملي خلاف عدالت ۾ درخواست داخل
حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد واسي دلجان بروھي تي قاتلاڻي حملي جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آھي ڳوٺ رحيم داد بروھي واسي نوجوان پنهنجي وڪيل معرفت عدالت ۾ 22 اي جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آھي درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته ڳوٺ وڃي رھيا ھياسين ته اوچتو غفور ـ گلزار سميت ڇھن ڄڻن قاتلاڻو حملو ڪيو حد جي پوليس کي اطلاع ڪيو پر واقعي جو ڪيس داخل نه ڪيو ويو زمين جي معاملي تان عدالت ۾ ھلندڙ ڪيس تان ھٿ کڻائڻ لاء جوابدار ڌمڪيون ڏيئي رھيا آھن وڪيل ميڊيا کي ٻڌايو ته زمين جي معاملي تان عدالت ۾ ھلندڙ ڪيس تان ھٿ کڻائڻ لاء جوابدار ڌمڪيون ڏيئ رھيا ھئا عدالت کي درخواست ڏني آھي ته جوابدار ڌر ۽ ھٿيار کنيو ٿا گمھن ـ وڏي خونريزي جو خطرو آھي پوليس بااثرن جي چرچ تي جوابدارن جي ونگار پئي آھي ۽ ڪورٽ اچڻ وڃڻ تائين پوليس کان انڊرٽيڪنگ ورتي وڃي ۽ درخواستگذار جو فوري طور تي معاملي جو نوٽيس وٺي پوليس کي ڪيس داخل ڪرڻ سميت تحفظ ڏيڻ جو حڪم ڏنو وڃي.