ميرپورخاص: يتيم ٻارن جي لاءِ”اورفنيج ڪپ ” اڄ کان شروع

ميرپورخاص: يتيم ٻارن جي لاءِ”اورفنيج ڪپ ” اڄ کان شروع

ميرپور خاص (اسپورٽس نيوز) راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري صوبائي وزير محمد بخش خان مهر جي هدايتن تي يتيم ٻارن جي لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اسٽيڊيم ۾ منعقد ٿيندڙ “اورفنيج ڪپ ” اڄ  کان منعقد ٿيندو، “اورفنيج ڪپ ” ۾ ريس، ڪرڪٽ، فٽبال، رسا ڪشي، اسپورن ريس ۽ اسڪيننگ سميت مختلف راندين جا مقابلا ٿيندا، “اورفنيج ڪپ ” ۾ ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ ضلع جي سوئيٽ هومن جا ٻار شرڪت ڪندا، مقابلن جون تياريون مڪمل.