| ميرپورخاص: ٻڏي فوت ٿيل نينگر جو 6 ڏينهن بعد لاش هٿ، وارثن کي قتل شڪ، جاچ ٽيم قائم |
ميرپورخاص (رپورٽ: فهد سلطان چانڊيو) ميرپورخاص لڳ جمڙائو ڪئنال ۾ 6 ڏينھن اڳ پراسرار نموني ٻڏي ويل 10 سالن جي ٻارڙي انس قريشيءَ جو لاش جمڙائو ڪئنال جي سڃي موري وٽان ھٿ آيو آھي. اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس واقعي واري جاءِ تي پھچي لاش کڻي قانوني ڪارروائي جي سلسلي ۾ سول اسپتال پھتي. ھوڏانھن ايس ايس پي ميرپورخاص سمير نور چنا پاران واقعي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ ڊي ايس پي عامر صديق ڀٽي، ڊي ايس پي عبدالغفور خاصخيلي ۽ ٽن ايس ايچ اوز، ڪامران هاليپوٽو، مومل لغاري ۽ سنجي ڪمار تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وئي. ھوڏانھن ٻڏي فوت ٿيل طلحا جٽ جي والد نصير احمد، چاچي بشير احمد ۽ عبدالرحمان جٽ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام ھنيو آھي تھ سندن نوجوان طلحا جٽ کي قتل ڪيو ويو آھي. ھنن چيو تھ طلحا سندن گھر جي ٻن نينگرين سوھا ۽ حريم سان گڏ درگاھ معصوم شاھ تي ويو ھو. پوليس ڪو به تعاون ناهي ڪري رهي.