ميرپورخاص : پاڻي جي واري تان جهيڙو، فائرنگ، 2 نوجوان قتل،2 زخمي، ڌريون مورچابند

اپريل 30, 2025

ميرپورخاص/ميرواهه گورچاڻي(بيورو رپورٽ/ن پ ا) ميرپورخاص ڀرسان زميني تڪرار تان رانگهڙ ۽ ميئو برادرين وچ ۾ جھيڙو، 2 نوجوان قتل، 2 زخمي، علائقي ۾ ڇڪتاڻ، پوليس جا اٽالا پھچي ويا، ڌريون مورچا بند خبر موجب ميرپورخاص لڳ ميرواهه گورچاڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ تاجو خاصخيلي ۾ 5 ايڪڙ زمين جي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنھن سبب ٻنھي ڌرين وچ ۾آمھون سامھون فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 25 سالن جو بلال عرف سڄڻ رانگڙ ۽ علي نواز ميئو مارجي ويا آھن، جن مان سڄڻ رانگهڙ جو لاش سول اسپتال ميرپورخاص آندو ويو آھي، جتان بعد ۾ پوسٽ مارٽم جي سلسلي ۾ سندس لاش تعلقا اسپتال ميرواهه گورچاڻي نيو ويو آھي، جڏھن ته ٻئي طرف مارجي ويل نوجوان علي نواز ميئو جو لاش سول اسپتال ٽنڊوالھيار نيو ويو آھي، جتان بعد سندس لاش پوسٽ مارٽم جي سلسلي ۾ ميرپورخاص سول اسپتال آندو ويو. ھوڏانھن جھيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب 2 ڄڻا ظفر ميئو ۽ سرفراز ميئو زخمي ٿي پيا، جن کي پڻ سول اسپتال ٽنڊوالھيار بعد ميرپورخاص آندو ويو. ھوڏانھن علائقي ۾ سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آھي، جنھن سبب وڌيڪ جھيڙي جو خطرو ڏيکاريو پيو وڃي، جڏھن تھ واقعي واري ھنڌ پوليس جا پڻ وڏا اٽالاپھچي ويا آھن. ضروري ڪارروائي ۽ پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آهن، هوڏانهن ميرواهه گورچاڻي ٿاڻي تي عبدالرحمان پٽ شوڪت حسين عرف لالا رانگهڙ جي فرياد سڄڻ رانگهڙ جو قتل ڪيس ميئو برادري جي سرفراز پٽ فجر الدين، فجر الدين پٽ حسين ميئو، ماستر ظفر پٽ حسين خان، عادل پٽ محمد حنيف ۽ علي نواز پٽ حسين ميئو خلاف قتل ۽ دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيو ويو آهي.

ٻنھي ڌرين ۾ 4 کان 5 ايڪڙ زمين تي تڪرار هلندڙ ھو: پوليس

ميرپورخاص: ايس ايس پي ميرپورخاص ڊاڪٽر ثمير نور چنا چيو آھي ته ٻنھي ڌرين وچ ۾ 4 کان 5 ايڪڙ زمين تي تڪرار ھو، اڄ ھو پاڻيءَ جي واري تان وڙھيا آھن، جنھن ۾ ٻن نوجوانن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ٿي آھي ۽ ٻئي ڌريون گھر خالي ڪري ويون آھن، جتي پوليس پڪٽ قائم ڪئي وئي آھي ۽ جلد ٻنھي ڌرين جا جوابدار گرفتار ڪيا ويندا. ھوڏانھن واقعي جو اطلاع ملندي سياحت ۽ ثقافت کاتي جو صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه پڻ سول اسپتال ميرپورخاص پھتو، جتي ھن فوتين جي وارثن کان تفصيل ورتا.

حملو رانگڙن ڪيو، هڪ نوجوان کي قتل ۽ ٻن ڄڻن کي زخمي ڪيو آهي: ميئو برادري

ميرپورخاص: ڳوٺ تاجو خاصخيلي ۾ 5 ايڪڙ زمين جي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿيل جهيڙي جي حوالي سان ميئو برادريءَ جي ماڻهن پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته رانگڙ برادريءَ وارن حملو ڪري اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو ۽ ٻڻ ڄڻن کي زخمي ڪيو آھي.

سڄڻ رانگڙ 2 مهينا اڳ شادي ڪئي هئي،کيس رستي ويندي قتل ڪيو ويو: وارث

ميرپورخاص: ميرواهه گورچاڻي ٿاڻي جي حد ۾ ٿيل جهيڙي بابت رانگڙ برادريءَ جي تصور رانگڙ جو چوڻ آھي ته مارجي ويل نوجوان سڄڻ رانگڙ دولت مائنر طرف وڃي رھيو ھو ته ميئو برادريءَ جي ماڻھن مٿس حملو ڪيو ۽ گوليون ھڻي کيس قتل ڪري ڇڏيو. ھن وڌيڪ چيو ته زخمين جو تڪرار ختم ٿي چڪو ھو، پر ميئو برادريءَ جي ماڻھن بيگناهه حملو ڪري سندن نوجوان کي قتل ڪيو آھي. مارجي ويل نوجوان سڄڻ رانگڙ جي 2 مھينا اڳ ۾ شادي ٿي ھئي.

 

Leave A Comment