ميرپورخاص پوليس تي بي  اعتمادي: فهميده لغاري آپگهات واقعي جي جاچ ٽيم قائم، وارث مطمئن

ميرپورخاص پوليس تي بي  اعتمادي: فهميده لغاري آپگهات واقعي جي جاچ ٽيم قائم، وارث مطمئن

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص جي خانگي ڪاليج ۾ ھراسمينٽ بعد آپگھات ڪندڙ ميڊيڪل جي شاگردياڻي فھميدا لغاريءَ جي وارثن پاران ميرپورخاص پوليس تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي ڊي آئي جي ميرپورخاص کي ايس ايس پي سهائي عزير ٽالپر جي سربراهي ۾ جاچ ڪميٽي جي گهر ڪئي جنهن بعد ڊي آئي جي ميرپورخاص فيصل عبدالله چاچڙ اهڙي درخواست آئي جي سنڌ جاويد عالم اوڍو ڏانھن موڪلي،ڏنل درخواست تي آءِ جي سنڌ پاران فھميدا ڪيس جي داخل ڪيل ايف آءِ آر جي بنياد تي جاچ لاءِ 5 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آھي. ڪميٽيءَ جي سربراھ ايس ايس پي ٽيڪنيڪل اينڊ فارينزڪ سي ٽي ڊي سھائي عزيز ٽالپر کي بڻايو ويو آھي، جڏھن تھ ميمبر طور ايس ايس پي ڊسٽرڪٽ سجاول علينا راڄپر، ڊي ايس پي آر آر ايف حيدرآباد سراج الدين لاشاري، انسپيڪٽر فياز حسين ۽ ڪيس جي جاچ آفيسر ڪامران ھاليپوٽو کي شامل ڪيو ويو آھي. هوڏانهن سهائي عزيز ٽالپر جي سربراهي ۾ جاچ ڪميٽي جوڙڻ بعد فهميده جي وارثن ۾ خوشي آهي، هنن جو چوڻ آهي ته سهائي عزيز ٽالپر جو جاچ جي حوالي سان ريڪارڊ سٺو آهي جنهن ڪري اسان هن جو نالو ڏنو جو، هنن چيو ته فهميده واري ڪيس ۾ اسان چاهيون ٿا ته ڪاليج جي شاگردياڻين کان ليڪچرار عابد لغاري بابت معلومات ورتي وڃي جنهن ڪري اسان هڪ عورت ايس ايس پي جو نالو ڏنو هو، اسان کي اميد آهي ته هاڻ جاچ سٺي نموني ٿيندي،،،،،
 

جوابدار ڪاليج انتظاميا کي ماسترياڻي کان اڻڄاڻ رکيو، جواب جمع

ميرپورخاص: ٻئي پاسي نجي ميڊيڪل ڪاليج جي انتظاميا پاران جوابدار عابد لغاري جي رڪارڊ تي ٻڌل جواب تعليم کاتي آڏو جمع ڪرايو،  جواب ۾ اعتراف ڪيو ويو ته جوابدار عابد لغاري پرائمري استاد هجڻ باوجود 14 سالن کان ڪاليج ۾ فارماسسٽ طور مقرر هو، عابد لغاري ڪاليج انتظاميا کي پرائمري استاد جي نوڪري کان اڻڄاڻ رکيو هو