ميرپورخاص پوليس ڊاڪٽر شاھنواز جو لاش ساڙڻ جو چالان پيش ڪرڻ ۾ ناڪام

ڊسمبر 13, 2024

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص پوليس ھٿان مارجي ويل عمرڪوٽ واسي ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي لاش کي وارثن کان ڦري، ان کي ساڙڻ واري ڪيس ۾ ملوث 18 جوابدارن کي ميرپورخاص جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ٻڌڻيءَ دوران پوليس پاران جاچ آفيسر ڊي ايس پي اسلم جاگيراڻي حتمي چالان پيش نھ ڪيو ۽ ان ڏس ۾ عدالت کان وڌيڪ مھلت گھري، جنھن تي عدالت سڳوري حتمي چالان پيش ڪرڻ لاءِ پوليس کي ايندڙ ٻڌڻيءَ تائين آخري مھلت ڏني بعد ۾ ايندڙ ٻڌڻي 21 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave A Comment