حسين بخش مري(ن پ ا) ميرپورخاص جي گاما اسٽيڊيم ۾ تعمير ٿيندڙ هڪ جديد ۽ شاندار راندين جي عمارت پنهنجي مڪمل ٿيڻ جي آخري مرحلن ۾ پهچي چڪي آهي، جتي بيڊمنٽن، باڪسنگ ۽ ٻين راندين لاءِ جديد ڪورٽون قائم ڪيون ويون آهن. يوٿ اسپورٽس ڪميٽي جي سرپرستي ۾ بيڊمنٽن ٽورنامينٽ منعقد ڪيو ويو، جنهن جو خاص مهمان ڪئپٽن شهباز هو. ڪميٽي بيڊمنٽن ڪورٽ ۽ اسپورٽس بلڊنگ جي خراب حالت جي نشاندهي ڪندي، باقاعده مرمت ۽ تعمير نو جي درخواست ڪئي. ان تي ڪيپٽن شهباز واعدو ڪيو، جنهن کان پوءِ هن بعد ۾ سنڌ حڪومت کان منظوري حاصل ڪئي ۽ منصوبي تي عمل درآمد ڪيو.
شهرين ۽ رانديگرن ڪيپٽن شهباز ۽ سنڌ حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو آهي.