ميرپورخاص ۾ اِي چالان چئلينج، ڌرين کان جواب طلب، نوٽيس جاري

ميرپورخاص ۾ اِي چالان چئلينج، ڌرين کان جواب طلب، نوٽيس جاري

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ميرپورخاص ۾ وڪيل فرحان بوزدار سنڌ حڪومت پاران  شهر ۾ اي-چالان جي لاڳو ڪرڻ کي ذاتي حيثيت ۾ آئيني درخواست ذريعي چئلينج ڪري ڇڏيو ، آئيني درخواست ۾ فرحان احمد بوزدار موقف اختيار ڪيو آهي ته اي چالان جو قانون لاڳو ڪرڻ بابت ڪيترائي غير آئيني تحفظات موجود آهن، هن چيو ته پاڪستان جي آئين، قرآن ۽ حديثن جي روشني ۾ اهو واضح آهي ته ڪو به فيصلو ڪنهن کي ٻڌڻ ۽ انهن کي پنهنجي وضاحت ڏيڻ جو موقعو ڏيڻ کان سواءِ نٿو ڪري سگهجي. اي-چالان قانون جا ڪيترائي نقطا آهن جن جي معزز عدالت کان واضح تشريح جي ضرورت آهي. انهن آئيني ۽ قانوني نقطن جي بنياد تي آئيني درخواست سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ ميرپورخاص ۾ داخل ڪئي وئي آهي، جنهن تي عدالت ڌرين کي 14 جنوري تي پنهنجا جواب جمع ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا آهن.