ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص ۾ بجليءَ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ ناڪاره بڻيل ٽرانسفارمر درست نه ڪرڻ خلاف شهرين پاران سر سيد روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. مظاهرين واپڊا اختيارين خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا.
ان موقعي تي ميڊيا نمائندن سان ڳالهائيندي شهرين چيو ته گذريل هڪ هفتي کان ٽرانسفارمر ناڪاره بڻيل آهي، واپڊا عملدارن کي بار بار شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪوبه ٻڌڻ وارو ناهي. هنن جو چوڻ هو ته شهر ۾ 12 کان 14 ڪلاڪ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب پيئڻ جي پاڻيءَ جو بحران پيدا ٿي ويو آهي.
هنن ضلعي انتظاميا ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته علائقي جو ٽرانسفارمر درست ڪرائي بجليءَ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي.