ميرپورخاص ۾ بدامنيءَ جا ايس ايچ اوز ذميوار، هٽائڻ لاءِ مهم

آگسٽ 19, 2023

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص سول سوسائٽي پاران ڦرون، ڌاڙا، موٽر سائيڪلون چوري ۽ زھريلي منشيات جو سرعام وڪرو ٿيڻ باوجود پوليس جي مجرماڻي خاموشي

خلاف سٽي ھوٽل ۾ مشاورتي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. جنھن ۾ سياسي سماجي تنظيمن، سول سوسائٽي، وڪيلن، صحافين ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ڪانفرنس ۾ ڳالھائيندي واجد لغاري، منظور ميمڻ، سيد ممتاز علي شاهه، آفتاب قريشي، مولانا صادق سعيدي، ظفر پنھور، شميم مري، وڪيل ممتاز جروار، عزيز لغاري، امام علي لاشاري، ڪامران ميمڻ، امان الله ساند

مرتضيٰ ڪوري ۽ ٻين چيو ته ميرپورخاص ضلعو ڪرائم جو ڳڙهه بڻجي ويو آھي جتي روز ڦرون، ڌاڙا چورين کان علاوه زھريلي منشيات هر هنڌ سرعام وڪرو ٿئي پئي پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آھي. ميرپورخاص جون سڄاڻ ڌريون مسلسل سراپا احتجاج آھن

پر ڏوهه روز به روز وڌندا پيا وڃن. ھن اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جلد آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي ڊي آءِ جي آفيس اڳيان ڌرڻو ھنيو ويندو. آخر ۾ ھنن سنڌ جي وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪندي چيو ته ايس ايس پي ميرپورخاص سميت ڏوھن ۾ ملوث ٿاڻن جي ايس ايچ اوز کي فوري طور ھٽايو وڃي

Leave A Comment