ميرپورخاص ۾ ثقافتي رنگ نکري پيا: ثقافت ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ نوجوانن جون ريليون

ميرپورخاص ۾ ثقافتي رنگ نکري پيا: ثقافت ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ نوجوانن جون ريليون

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ايڪتا ڏھاڙي کي ڀرپور نموني ملهائڻ جي سلسلي ۾ نوجوانن پاران ريليون، خبر موجب 7 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙي کي ڀرپور نموني ملهائڻ جي سلسلي ۾ ميرپورخاص جي نوجوانن ارباز پنهور، عابد ڪوري سميت پنهور برادري ۽ جئي سنڌ محاز جي مقامي اڳواڻن پاران جرواري شاخ کان ميرپورخاص پريس ڪلب تائين موٽرسائيڪل ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ نوجوانن پاران وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، نوجوانن چيو ته سنڌ جي ثقافت هزارين سال پراڻي آهي جنهن کي اجاگر ڪرڻ لاء ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي، هنن چيو ته ثقافتي ڏهاڙو عيد جيئان هوندو آهي جنهن جو پوري سال انتظار رهندو آهي، سنڌ جي قديمي ثقافت پيار امن ۽ محبت جي علامت آهي،هوڏانهن ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار پاران ميرپورخاص پريس ڪلب جي سهڪار ايڪتا ڏھاڙي جي تيارين جي سلسلي ۾ گلستان بلديا پارڪ ۾ ملھ ملاکڙو رٿيو ويو، جنھن جو مھمان خاص ميئر ميرپورخاص عبدالرئوف غوري ھو، جڏھن تھ اعزازي مھمان طور ٽي ايم سي مير شير محمد ٽالپر جي چيئرمين ولي محمد ناريجو شرڪت ڪئي. ان موقعي تي دھلن ۽ شرناين سان آيل مھمانن جي آجيان ڪئي وئي. ملھ ملاکڙي ۾ وڏي انگ ۾شھرين شرڪت ڪئي. ملاکڙي ۾ پھرئين، ٻئي ۽ ٽئين جوڙ جي ملھ پھلوانن پنھنجا جوھر ڏيکاري ڀرپور داد ماڻيو. پھرئين جوڙ جي مقابلي ۾ نور احمد پنجابي، يار محمد مري کي دسي مقابلو ماريو،  جڏھن تھ ٻئي جوڙ جي ملھ ۾ امتياز مري، پھلوان گل منير خاصخيلي کي پوئين ملھ ماري داد ماڻيو. ٽئين جوڙ جي ملھ مقابلي ۾ دل پسند مري، اللھ ڏنو پنھور کي ملھ ماري ڀرپور داد ماڻيو. ملاکڙي دوران آيل مھمانن کي اجرڪون ۽ لونگيون اوڍايون ويون.